پاڪ – ويسٽ انڊيز ون ڊي سيريز ملتان منتقل

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ون ڊي سيريز کي راولپنڊي کان ملتان منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ون ڊي سيريز جي پنڊي کان ملتان منتقلي جو باضابطا اعلان اڄ شام جو ڪندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 16 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت راولپنڊي ۾ امڪاني ڇڪتاڻ سبب ميچ شفٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن سلسلي ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم 5 جون تي ملتان پهچندي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچون 8، 10 ۽ 12 جون تي کيڏيون وينديون.

هي به پڙهي سگهو ٿا: شاهنواز ڏاهاڻي ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ برقرار

ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 16 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان پڻ ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.