روس يوڪرين جنگ سبب هڪ ڪروڙ ماڻهون دربدر ٿي ويا

روس جي يوڪرين تي حملي کان پوءِ يوڪرين جي مختلف علائقن تي بمباري جاري آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهون مري ويا آهن، ڪيترائي ئي بي گهر ٿي ويا آهن،ڪيترا ئي بک بدحال ۽ بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن. جنگ ڪيترن ئي  مسئلن جي ماءُ هوندي آهي، جيڪا پاڻ سان گڏ سوين عذاب گڏ کڻي ايندي آهي.

جتي به جنگ لڳندي آهي ته اتي هڪ اهم مسئلو لڏ پلاڻ جو هوندو آهي، هتي به جنگ جي ڪري هڪ اندازي موجب هڪ ڪروڙ ڏهن لک ماڻهون بي گهر ٿيا آهن، اهو تعداد گڏيل قومن پاران ڪم ڪندڙ ادارن گڏ ڪيو آهي،انهن مان پنجاهه لک ماڻهون ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا آهن باقي ماڻهون پنهنجي ئي ملڪ جي اندر دربدر ٿيا ويا آهن، جن مان ڪجهه عالمي ادارن جي يوڪرين جي  مختلق هنڌن تي قائم ڪيل ڪئمپن ۾ رهن پيا. پناهگيرن بابت ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري، آءِ او ايم موجب مٿي ڄاڻايل انگ اکر 9 کان 16 مارچ دوران فلاحي ادارن جي ڪارڪنن جي معرفت هنن گڏ ڪيو آهي. جنهن موجب متاثر ٿيل ملڪ اندر ئي بي گهر ٿيندڙن ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون آهن،جن ۾ ڳورهاريون عورتون به شامل آهن،ان کانسواءِ انهن مان ڪيتريون ئي ڪمزور ۽ جنگ جي ڪري تشدد جو شڪار ٿيل آهن.

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته هن وقت به يوڪرين جي اندر هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهون انهن علائقن ۾ ڦاٿل آهن جتي جنگ جاري آهي.جيڪي اتان نڪرڻ ته چاهين ٿا پر في الحال هنن جي لاءِ اهو ممڪن نه آهي. گڏيل قومن جي اتي ڪم ڪندڙ ادارن پاران متاثر ماڻهن کي جتي لازمي سمجهيو وڃي ٿو اتي انساني ناتي مدد جي آڇ ڪئي پئي وڃي،ان مدد ۾ خوراڪ ۽ ڀاڙو جي مدي ۾ روڪ رقم به شامل آهي، جن ماڻهن جا بمباري ۾ گهر تباهه يا متاثر ٿي ويا آهن انهن جي لاءِ کاڌي پيتي جي شين سان گڏ عارضي اجهي جي لاءِ پلاسٽڪ جون شيٽون ڏنيون پيون وڃن.پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ ماڻهن جي لاءِفولڊنگ بيڊ ،ملڪ جي اندر بي گهر ٿيلن جي لاءِ انهن جي پرگهور لهڻ واسطي استقباليه ۽ٽرانزٽ پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن،

عام طور تي جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ جنگ لڳندي آهي ته متاثر ٿيندڙ ماڻهو ان ملڪ سان جن ملڪن جون سرحدون لڳنديون آهن، انهن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويندا آهن يعني گهڻو بار پاڙيسري ملڪن تي پوندي آهي هن ملڪ جي بدقسمت ماڻهن سان به اڳي صورتحال ٿي آهي.گڏيل قومن جي گڏ ڪيل انگن اکرن موجب  25 اپريل تائين ٻاونجاهه متاثر ماڻهون ملڪ مان نڪري ويا آهن، جن مان پولينڊ ۾ 29 لک 23 هزار ماڻهون پناهه وٺڻ لاءِ داخل ٿي ويا آهن، رومانيا ۾ 7 لک 8 هزار کان وڌيڪ، روس ۾ 6 لک 14 هزار کان وڌيڪ،هنگري م 4 لک 9 هزار کان وڌيڪ ،مالڊووا ۾ 4 لک کان وڌيڪ ،سلوواڪيا ۾ 3 لک کان وڌيڪ،بيلاروس ۾ 24 هزار کان وڌيڪ،لڏپلاڻ ڪري پناهگير ٿيڻ تي مجبور ٿيا آهن، متاثر ٿيل ماڻهون انهن ملڪن مان وري ڪنهن ٻئي ملڪ طرف پڻ وڃي رهيا آهن ڪن ملڪن انهن جي ميزباني قابول پڻ ڪئي آهي،جيئن چيڪ موجب اپريل جي آخر تائين ڏهه هزار پناهگيرن جي لاءِ ويزا جاري ڪيا ويا آهن.

يوڪرين جي سرحد وارن علائقن کان ايندڙ ريلون ماڻهن سان ڀريل اچي رهيون آهن، ملڪ کان ٻاهر ويندڙ رستن تي ٽريفڪ جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن.پناهگيرن جي لاءِ سمورين ڪاغذ پٽن کي لازمي قرار نه ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن انهن وٽ رڳو سڃاڻپ ڪارڊ يا وري پاسپورٽ آهي ۽ سفر ڪندڙ ٻارن وٽ جنم سرٽيفڪيٽ يا واري طبي دستاويز هئڻ جي صورت ۾ انهن جي مدد ڪئي پئي وڃي.

پناهگيرن جي عالمي اصول موجب متاثر ٿيندڙن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اهي يوڪرين جا شهري هجن، يا وري انهن کي اتي قانون طور تي رهڻ جي اجازت مليل هجي.لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهون  يوڪرين جي پاڙيسري ملڪن ۾ لڳل مهاجر ڪئمپن ۾ رهي سگهن ٿا،جي هنن جي خوراڪ ۽صحت جي ضرورت کي پورو ڪيو ويندو آهي اتان اڳتي جي سفر بابت معلومات ڏني يعني ته انهن جي رهنمائي ڪئي ويندي آهي.

ان سلسلي ۾ يورپي يونين جي ميمبر 27 ملڪن ۾ جنگ متاثر يوڪريني شهرين کي ٽن سالن تائين اتي رهڻ ۽ڪم ڪرڻ جو حق ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان وچ ۾ هنن جي سوشل ويلفيئر ،اجهي ،ميڊيڪل  ۽تعليم جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.برطانيا انهن متاثر خاندانن جي لاءِ فيملي اسڪيم شروع ڪئي هئي جنهن موجب انهن خاندانن جي ڪنهن فرد جي برطانيا ۾ هئڻ جي صورت ۾ انهن کي ويزا ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي جنهن تي تنقيد کانپوءِ برطانيا متاثر جي لاءِ هومز اسڪيم جو اعلان ڪيو آهي جنهن موجب اتي پهچندڙ يوڪريني کي ٽن سالن تائين اتي رهڻ جي اجازت هوندي، صحت،انهن جي ويلفئر ۽اسڪول جي سهولت به ڏني ويندي.جنهن لاءِ آن لائن درخواستون به ورتيون پيون وڃن.

جنگ ڪٿي به هجي نه رڳو هڪڙي معاشري کي پر جو اثر سمورن پاڙيسرين تي پوي ٿو، جڏهن ته ان جي نفسياتي پهلوئن کان دنيا جو ڪو به ماڻهو محفوظ نٿو رهي سگهي، جنهنڪري هر ڪو ملڪ ان جنگ جي بار کڻڻ  ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.