خيرپور لڳ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاهجي مظاهرو، ڌرڻو

خيرپور (س ر) خيرپور اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾هڪ هفتو اڳ قتل ٿيل هوميو پيٿڪ ڊاڪٽر عبدالطيف چڍڙ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ شاهه ڀنگيو جي رهواسين رسول بخش چڍڙ، عبدالڪريم، عبدالغني، عبدالجبار، پرويز علي چڍڙ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري سيال موري وايا ٽنڊونظر علي لنڪ روڊ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ هڪ هفتو اڳ ڊاڪٽر عبدالطيف چڍڙ شهر کان ڳوٺ واپس اچي رهيو هو ته 9 کان وڌيڪ هٿياربندن کيس گولين جو کاج بڻائي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڪيس 9 جوابدارن گلاب مري، محرم علي مري، عاشق علي مري، علي مراد پنهور ۽ ٻين مٿان داخل ڪيو ويو پر هڪ هفتو گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو اهي، ويتر بدنام ڌاڙيل گلاب خان عرف گلابو مري ۽ سندس ساٿي گذريل رات اسان جي گهرن مٿان هوائي فائرنگ ڪري، فون ۽ نياپا ڪري ڪيس تان هٿ کڻن لاءِ ڌمڪيون پيا ڏين، جنهن ڪري خاندان سميت سخت پريشان آهيون. هنن ٻڌايو ته اڪنامڪ زون ٿاڻي جو ايس ايڇ او رحمت الله سولنگي بااثر زميندار فضل خان مري ۽ جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهن ڪري جوابدار ۽ پوليس اسان جي نوجوان جو خون لوڙهڻ چاهين ٿا.هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور، جي او سي پنو عاقل سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.