ڊاڪٽر صغير، وسيم آفتاب سميت 4 پي ايس پي اڳواڻ وري ايم ڪيو ايم ۾ شامل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سر زمين پارٽي (پي ايس پي) جي ڊاڪٽر صغير ۽ وسيم آفتاب سميت 4 اڳواڻن متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان ۾ ٻيهر شموليت اختيار ڪري ورتي.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيندڙن ۾ ڊاڪٽر صغير احمد، وسيم آفتاب، طحه احمد ۽ سليم تاجڪ شامل آهن ۽ اهي اڳواڻ پاڪ سرزمين پارٽي ۾ ناراضگي کانپوءِ ايم ڪيو ايم قيادت سان رابطي ۾ هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته طحه احمد، وسيم آفتاب ۽ سليم تاجڪ، وسيم اختر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هنن ٻيهر ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو.

ٻئي پاسي ڊاڪٽر صغير ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته وسيم آفتاب، سليم تاجڪ، طحه احمد ۽ آئون ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي ويا آهيون.

هن جو چوڻ هو ته شموليت جو باضابطا اعلان پارٽي پاران ڪيو ويندو، ايم ڪيو ايم قيادت سان رابطي ۾ هئاسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.