سکر ۾ گهر جا تالا ٽوڙي قبضو، تشدد، احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر جي علائقي سادات ڀٽي محلي جي رهواسين الله بخش خان سيد شهباز علي بخاري سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته هن پنهنجو ڪچي پٽي وارو گهر نالي شهباز علي بخاري کي وڪرو ڪيو آهي، پر منهنجو پٽ محمد اسلم پنهنجي گهرواري تسليم خاتون سان گڏ رقم جي لالچ ۾ مون کي حراسان ڪري رهيا آهن، ان سلسلي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجي پٽ وڪرو ڪيل گهر جا تالا ٽوڙي ان تي قبضي ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن گهر خريد ڪندڙ شهباز علي گهر خالي ڪرائڻ لاءِ ويو ته ان تي تشدد جو ڪوڙو الزام مڙهي حد جي ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته منهنجو پٽ سان هاڻ ڪوبه تعلق نه آهي ۽ ان جي وڪرو ڪيل گهر ۾ ڪابه حصيداري ناهي، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.