ماڻهن جي غلط افواهن سبب ڪنگنا ڪنواري رهجي وئي!

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪارا ڪنگنا رناوت اڃا تائين شادي نه ٿيڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ۾ بالي ووڊ جي تڪراري هيروئن ڪنگنا رناوت جو چوڻ هو ته مون بابت افواهه پکيڙيا ويا ته مان ڇوڪرن کي ڪٽڪو ڏيندي آهيان، ان لاءِ اڃا تائين منهنجي شادي ناهي ٿي سگھي.

ڪنگنا رناوت جو اهو به چوڻ هو ته فلمن ۾ اسٽرونگ عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ جو اهو مطلب ناهي ته عام زندگي ۾ به ماڻهن، خاص ڪري ڇوڪرن سان سختي سان پيش ايندي آهيان، شادي اڃا تائين نه ٿيڻ جو ڪارڻ اهي افواهه آهن، جيڪي ماڻهن منهنجي بابت پکيڙيا آهن ته مان ڇوڪرن کي ڪٽڪو ڪڍندي آهيان.

هن سوال ڪيو ته ڪڏهن ڪنهن حقيقي زندگي ۾ مون کي ڪنهن سان وڙهندي يا مارڪٽ ڪندي ڏٺو آهي؟ اها رڳو مون سان ساڙ ڪندڙن جي پروپيگنڊا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.