لاڙڪاڻي اسپتال ۾ مريض فوت،وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت الزام

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي نيفرولاجي وارڊ ۾ گڙدن جي بيماري ۾  مبتلا مريض فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي انصاف جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه شهدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ عرضي مرکنڊ واسي گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا مريض حسين بوهڙ کي سندس گهر ڀاتين گڙدن جي تڪليف سبب علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي نيفرولاجي وارڊ داخل ڪرايو جتي هو فوت ٿي ويو جنهن جي وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتي جي وارثن الزام لڳايو ته اسان جو مريض حسين بوهڙ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو.  جنهن کي صحيح علاج ۽ آڪسيجن نه ڏنو ويو جنهن ڪري هو اسپتال جي وارڊ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي. هنن وڌيڪ الزام لڳايو ته چانڊڪا اسپتال اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي پر هتي ڪي به سهولتون ناهن جتي مريضن کي علاج نه ٿو ملي ۽ هو تڙپي تڙپي فوت ٿين ٿا جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن اسپتال انتظاميه جي خاطري بعد وارثن احتجاج ختم ڪري فوتي جو لاش ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.