ڏهرڪي لڳ ٻن ڌرين ۾ زمين مامري تان جهيڙو، 3 زخمي

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏھرڪي لڳ ڳوٺ باھو ڪانڃون ۾ ڪوڀر برادري ۽ ڪانڃون برادري جو زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو نتيجي ۾ مجيد ڪانڃون، مرتصٰي ڪانڃون، جاويد ڪانڃون سخت زخمي ٿي پيا آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي زخمي ٿيلن چيو ته پنج سال اڳ ڪوڀر برادري مصري ڪوڀر وارن کان زمين خريد ڪئي ھئي اسين زمين تي ڪم ڪري رهيا هئا سون مصري ڪوڀر، نذير ڪوڀر، سڪندر ڪوڀر وارن ساٿين سان گڏجي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ اسان مٿان حملو ڪيو آهي نتيجي ۾ اسان جاٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا موقعي تي پوليس پهچي ويئي ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.