ڪاجول وري شاهه رخ سان نيڻ ملائيندي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ اسٽار اداڪارا ڪاجول هڪ ڀيرو ٻيهر فلم ۾ گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب شاهه رخ ۽ ڪاجول ماضي ۾ به پاڻ کي ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي ڪامياب جوڙي ثابت ڪري چڪا آهن،

ماضي ۾ جوڙي جي مشهور فلمن کي مداحن بيحد پسند ڪيو ۽ هاڻي ٻئي فنڪار ٻيهر جوهر ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن.

رپورٽ موجب شاهه رخ خان ۽ ڪاجول ڪرن جوهر جي ايندڙ فلم ”روڪي اور راني ڪي لو اسٽوري“ ۾ به گڏ نظر ايندا، جڏهن ته عاليا ڀٽ ۽ رنوير سنگهه پروجيڪٽ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا.

مقامي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته فلم ۾ بالي ووڊ جو ڪنگ خان ۽ ڪاجول خاص ڪردارن ۾ نظر ايندا.

فلم جي شوٽنگ ممبئي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

ٻئي طرف فلمي مداح ماضي جي بهترين جوڙي کي ٻيهر وڏي اسڪرين تي گڏ ڏسڻ جا منتظر آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.