خيرپورناٿن شاهه ڀرسان نينگر سان بدفعلي جي ڪوشش، مزاحمت تي زخمي

خيرپورناٿن شاھ ( رپورٽ: سيد اطهر بخاري  ) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ لڌو خان گاڏهي ۾ ٻن ڄڻن ستن ورهين جي معصوم نينگر سان ڳوٺ ڀرسان تلاءۡ ۾ مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي منع ڪرڻ تي نينگر مٿان تشدد  ڪري کيس زخمي ڪيو ويو نينگر جي والد ذولفقار کوسو پاران ٿاڻي تي اهڙي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پوليس کيس علاج لاء ليٽر ڏنو متاثر نينگر کي تعلقا اسپتال آندو ويو جتي کيس ڊاڪٽر طبي امداد ڏئي علاج ڪري گهر وڃڻ جي اجازت ڏني ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود نينگر جي والد ذوالفقار کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي ارشاد خاصخيلي ۽ نعمت الله خاصغلي ورغلائي ڳوٺ ڀرسان تلاء تي وٺي ويا جتي هنن منهنجي معصوم پٽ سان بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انڪار ڪرڻ تي انهن منهنجي پٽ مٿان تشدد ڪيو نينگر جي رڙيون ڪرڻ تي هو فرار ٿي ويا ۽ ڳوٺاڻا پهتا ڳوٺاڻن اسان کي اطلاع ڪيو جتي اسان پهتاسين ته اسان جو ٻچو زخمي حالت ۾ بيهوش هيو اسان خيرپورناٿن شاه ٿاڻي تي پهچي اهڙي رپورٽ داخل ڪرائي ليٽر ورتو آهي فوري طور تي انهن وحشين مٿان ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هنن ايس ايس پي دادو عرفان سمون کان نوٽيس وٺي انصاف جو مطالبو ڪيو ٻي طرف خيرپورناٿن شاھ ٿاڻي تي ٻن ڄڻن 14 ورهين جي نعمت الله خاصخيلي ۽ سندس ڀاءۡ 16 ورهين جي ارشاد خاصخيلي خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي رابطي تي ايس ايڇ او علي اڪبر چنا ٻڌايو ته ڳوٺ لڌو گاڏهي ۾ ٻارڙا پاڻ وڙهيا هيا نينگر کي مٿي ڌڪ لڳو باقي زيادتي جو معاملو ناهي اسان وڌيڪ جاچ ڪريون پيا ته اصل معاملو ڇا آهي ان بعد ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.