ڪراچي آپگهاتي ڌماڪي تي چين جو انتهائي اهم بيان سامهون اچي ويو

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي ۾ چيني شهري مارجڻ جي واقعي تي چين جو هڪ ٻيو اهم بيان سامهون اچي ويو.

واضح رهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ 3 چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.

بلوچستان لبريشن آرمي جي مجيد برگيڊ ان حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو هو ته اهو حملو عورت بمبار شاري بلوچ ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي

ان کان اڳ پنهنجي بيان ۾ چيني پرڏيهي وزارت ڪراچي ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي ڪندي چيو هو ته چين ان وڏي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت، ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿو.

چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته ڪراچي ڌماڪي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جو رت ضايع نه ٿيڻ گھرجي، ڪراچي ۾ چيني شهرين تي حملو ڪندڙن کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

چين پنهنجي تازي بيان ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پنهنجي شهرين تي ٿيل حملي جي جاچ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جاچ ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي بابت ٻي وڊيو منظر تي اچي وئي، نوان انڪشاف

چيني پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين ۽ پاڪستان دهشتگردن کي قابو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، دوستي کي ٻنهي ملڪن ۾ عوامي حمايت حاصل آهي.

چيني پرڏيهي کاتي موجب ٻنهي ملڪن جي دوستي ۽ سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي عوام ناڪام بڻائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا: ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگھاتي حملو ڪندڙ عورت ڪير هئي؟

بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين سدائين پاڪستان جي قومي ترقي جي حمايت ڪئي آهي، سهڪار کي گڏيل طريقي سان اڳتي وڌائڻ جي ڀرپور قدمن جو يقين آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.