خان پور مهر لڳ گرفتار ڪيل ڏوهاريءَ جي پلاند ۾ مهر برداري جا 2 نوجوان اغوا

خان پورمهر (رپورٽ:ميهر مهر)خان پور مهر ويجهو املھه جي دڙي وٽ هٿياربند سردار ڳڙهه واسي ٻن نوجوانن امتياز مهر ۽ ممتاز مهر کي مبينا طور اغوا ڪري ويا. چوٻول آهن ته مهر برادري سان تعلق رکندڙ پوليس اهلڪارن پتافي برادري سان تعلق رکندڙ هڪ مبينا ڏوهاري کي گرفتار ڪيو، جنهن جي پلاند ۾ امتياز ۽ ممتاز مهر کي اغوا ڪيو ويو. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب 10 کان وڌيڪ هٿياربند سردارڳڙھ روڊ بلاڪ ڪري نوجوان امتياز ۽ ممتاز مهر کي کنڀي ويا، اغوا واري واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانپورمهر برڪت ڀٽي ٻڌايو ته الياس پتافي نالي ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ تان نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو آهي، مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٻئي پاسي  صوبائي صلاحڪار بنگل مهر نوجوانن جي اغوا واقعي جو نوٽيس وٺندي صوبائي وزير باري پتافي سان فون تي رابطو ڪري نوجوانن کي جلد بازياب ڪرائڻ جو چيو. هوڏانهن مهر برادري جي ٻن نوجوانن کي اغوا ڪندڙ اڪرم پتافي وڊيو پيغام سوشل ميڊيا تي رکي ڇڏيو، وڊيو ۾ اڪرم پتافي دعوي ڪئي آهي ته مهر برادري جا ٻئي نوجوان اسان وٽ امانت ۾ آهن، خانپورمهر ٿاڻي جي اهلڪار رب نواز مهر ۽ ٻين منهنجي ڀاءُ الياس کي گرفتار ڪيو، مزاحمت تي اسان جي عورتن مٿان تشدد ڪيو، اڪرم پتافي وڊيو بيان ۾ چيو ته ان کان اڳ به پوليس اهلڪارن غلام مصطفي سومرو، علي محمد سومرو، رب نواز مهر مون مٿان اڍائي ڪلو چرس جو ڪيس داخل ڪرايو، آئون چڱن مڙسن، سردارن توڙي ايس ايس پي وٽ وڃي وڃي ٿڪي پيس پر ڪٿان به انصاف نه مليو، مون سان ٻيهر ظلم ڪيو ويو، تنهن ڪري مجبور ٿي اهڙو قدم کنيو آهي، مهرن جا ماڻهو مون وٽ باحفاظت آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن پوليس منهنجي ڀاءُ کي آزاد ڪري ته آئون ٻئي نوجوان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.