ڪارڪنن کي اسلام آباد مارچ تياري جي هدايت، سپريم ڪورٽ خط تي کليل ٻڌڻي ڪري: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي ڪنفرم ڪري ڇڏيو ته مداخلت ٿي، ڪجهه ماڻهو اڻڄاڻائي ۾ ان سازش جو حصو بڻيا، لنڊن ۾ ويٺل شخص ان سازش جو حصو هو، هتي ان جو ننڍو ڀاءُ ۽ آصف زرداري سازش ۾ ملوث هئا.وزارت عظميٰ تان لهڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ واضح ٿي ويو ته خط حقيقي هو، مداخلت ۽ سازش بابت جڏهن مان خط جو چيو هو ته سڀني چيو اهو ڪوڙ آ، خط ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي، ان ۾ تڪبر هو، ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول پيدا ڪيو ويو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي هاڻ اهو ڪرڻ گهرجي، جيڪو تڏهن ڪرڻ گهربو هو، سپريم ڪورٽ ۾ ان معاملي جي کليل ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي، ملڪي آزادي ۽ خود مختياري خلاف وڏي سازش ٿي آهي، سپريم ڪورٽ ان معاملي جي اوپن ٻڌڻي ڪري، سپريم ڪورٽ ائين نه ڪيو ته ڪو سربراهه اڳتي ڌمڪي خلاف نه بيهندو.سندس چوڻ هو ته جنوري کان اها گيم شروع ٿي، اسان کي به خبر هئي، اسان جي جمهوريت ۽ آزادي لاءِ اهو سڀ کان وڏو خطرو آهي، جيڪڏهن ادارا نه بيٺا ته اسان جي ٻارن جو مستقبل به خطري ۾ آهي، بينظير کي ڏنل اين آر او به ٻاهرين مداخلت هئي.تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته مون کي اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو، ٻاهر نه پيو وڃان، چيو پيو وڃي ته اهڙي قسم جا خط اڳ به ايندا هئا، ڪو چئي ٿو ته اڳ ۾ به اهڙيون ڌمڪيون ڏنيون ويون ته انهن ماڻهن کي شرم اچڻ گهرجي، اڳ ۾ ڌمڪي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏني وئي هئي، ان کانپوءِ پرويز مشرف ۽ هاڻ مون کي ڏني وئي آهي.عمران خان چيو ته بي اعتمادي کان اڳ آمريڪا ۾ اها ميٽنگ ٿي، ڌمڪي ڏني وئي ته عمران خان کي نه هٽايو ويو ته ملڪ لاءِ ڏکيائيون ٿينديون، چيو ويو عمران خان کي هٽايو ته پوءِ پاڪستان کي معاف ڪنداسين، هن چيو ته اوورسيز پاڪستانيز 31 ارب ڊالر ساليانو موڪلي رهيا آهن، اي وي ايم ختم ڪندا ته ڪهڙو پيغام ڏيندا، انهن کي سازش تحت ووٽ جي حق کان محروم رکڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هن ڪارڪنن کي اسلام آباد مارچ جي تياري جي هدايت ڪندي چيو ته اسان جي پارٽي 27 رمضان تي يوم دعا ملهائيندي، جلد ئي ڪارڪنن کي حقيقي آزادي لاءِ  راڄڌاني ۾ مارچ ڪرڻ جي ڪال ڏيندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.