عوامي ليڊر ۽ سياستدان ۾ ڪھڙو فرق آهي

تحرير؛مير ذوالفقار چانڊيو

اسان جي معاشري اندر وڏي ناانصافي اھا آھي جو اسان سامھون واري ڪنھن شخص کي ان جي عزت اھليت ڪردار جي مطابق ان کي اھميت نه ڏيندا آھيون جيئن ھڪ پيغمبري پيشي استادي سان تعلق رکندڙ ماڻهو کي استاد چوندا آھيون پر ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن ڪنهن گاڏيءَ جو ڪو ڊرائيور آهي يان ڪنھن به شيءِ جو مستري آهي ان کي به استاد جي لقب سان سڏيندا آھيو جيڪو عمل ھڪ پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ استاد سان ناانصافي جي برابر آهي. ان سان گڏ جيڪڏھن دنيا ليول تي مشھور سياستدان آهي جنهن جي اندر پنھنجي قوم جي تقدير بدلائڻ يان ملڪ کي ترقيءَ ڪرڻ لاءِ صلاحيتون ھجن ته ان سياستدان کي ليڊر چيو ويندو آهي. ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن ڪو عام سياستدان آهي ته ان کي به اسان جي معاشري ۾ ليڊر تسليم ڪيو ويندو آهي جيڪو عمل پڻ قومي ليڊرن جي لقب سان زيادتي برابر ھوندو آهي.

ان جي لاءِ پنھنجي پڙھندڙن اڳيان ھڪ سچي قومي ليڊر ۽ عام  سياستدان جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ ڪجھه ڳالھيون عرض ڪيان ٿو سوال ليڊر ڪير ھوندو آھي ان جون ڪھڙيون خاصيتون ھونديون آھن ؟جواب ليڊر اھو ھوندو آھي جنھن وٽ پنھنجي قوم جي تقدير بدلائڻ يان ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي ھلڻ وارا ڪم ڪري ليڊر اھو ھوندو آھي جيڪو پنھنجي موجوده عوام سان گڏ ايندڙ نسل قوم لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي سندس جي لازوال جدوجهد ۾ سچائي مخلصي ديانتداري ھجي ان کي ليڊر چئبو آهي جنهن جا ڪجھه مثال توهان جي سامهون پيش ڪجن ٿا.

عظيم سياسي ليڊر اھو ھوندو آھي جيڪو پنھنجي قوم جي اميدن کي جڳائي روشن مستقبل جي لاءِ ڪجھه ڪري سگھي. کيس عوام اھڙي موٽ ڏي جنهن ۾ عوام ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. جيئن علامه اقبال برصغير ۾ عوام اندر آزاديءَ جي اميد جاڳائي عوام سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ھو قائد اعظم آزاد رياست ٺاهڻ جو نعرو ھنيو مسلمانن کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ئي انھن جي مسئلن جو واحد حل آهي لکين ماڻهن پنھنجا گھر ٻار ڇڏي ان آزاد رياست کي ٺاهڻ لاءِ قائداعظم جو ساٿ ڏنو. ذوالفقار علي ڀٽو به روٽي ڪپڙا اور مڪان جو سياسي نعرو هڻي ميدان تي لٿو ته عوام صرف ساٿ نه ڏنو پر سندس جيالا ھر مصيبت کي منھن ڏيڻ لاءِ پھاڙ وانگر بيھي رھيا. بينظير ڀٽو ميدان تي پھتي ته ان به پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي تقدير بدلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو جنهن کان پوءِ نواز شريف ملڪي سياست ۾ داخل ٿيو ته ان به پنهنجا نوازي ڪندي صرف لاھور کي ترقي يافته ٺاھي ڇڏيو ان کان پوءِ آصف علي زرداري سياسي ميدان تي لٿو ته ان به پنهنجي صلاحيتن خدمتن سان ملڪ کي ترقيءَ جي راھ تي ھلڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون جنهن ۾ سي پيڪ جو بنياد پاڪ چين دوستي جو مضبوط رشتو برقرار رکيو اھڙن سياستدانن کي ليڊر چيو ويندو آهي جيڪي ڏينهن رات ھڪ ڪري غريب عوام لاءِ ڪجھه ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.

ان جي مقابلي ۾ عام سياستدان جي حالت عمران خان جي صورت ۾ سڀني جي سامهون آهي عمران خان به قوم کي سنھري باغ ڏيکاريا نيا پاڪستان تبديلي جي نعري ھيٺ عوام جو ڪافي ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو جنهن سبب کيس حڪومت ملي اڄ ملڪ جو وزيراعظم بڻيل آهي حڪومت جي ساڍن ٽن سالن کان پوءِ ملڪ تہ ڇا پر عوام جي قسمت بدلائي نه سگھيو ويتر عوام جي ڏکن سورن ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو اٿس جيڪڏهن عمران خان اليڪشن کان پهرين ڪيل پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ھا ته شايد ھي ملڪ جو عظيم ليڊر وڃي ھا پر ائين نه ٿي سگهيو.

عام سياستدان جي وڏي مان وڏي نشاني اھا آھي جو اھي اقتدار جا پوڄاري ھوندا آھن جيڪي ھر اليڪشن ۾ پارٽيون چينج ڪري اقتدار جا مزا وٺندا آهن انھن سياستدانن جو ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ نه پر پنھنجو بينڪ بيلنس ٺاھڻ ھوندو آھي. اھڙن سياستدانن کي ليڊر نه پر”لوٽا“به سڏيو ويندو آهي ان ڪري لوٽا لٽيرا سياستدان ۽ ملڪ جي عظيم ليڊرن ۾ وڏو فرق ھوندو آھي اسان جي معاشري ۾ جيڪي اڃا مڪمل سياستدان نه آھن انھن کي به قومي ليڊر پيش ڪري حقيقي عوامي ليڊرن جي توھين ڪئي ويندي آهي.

عوام کي خبر ھجڻ گھرجي ھن وقت پاڪستان اندر عطائي سياستدانن جي فيڪٽري کليل آھي جتي روز نوان نوان سياستدان تيار ٿي رھيا آھن پر حقيقت ۾ ملڪ اندر قومي ليڊر نه ھجڻ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي رهيو آهي ملڪي حالتون خطرناڪ بڻجي رهيون آهن جنهن سبب ملڪ تباهيءَ جي طرف وڌي رهيو آهي جنهن جي خاص وجھج ملڪ ۾ ”ليڊرشپ“ جي نه ھجڻ ڪري ملڪ اندر مسئلا وڌي رهيا آهن. ھن وقت ملڪ اندر ليڊر گھٽ پر عطائي سياستدان وڌي رهيا آهن جيڪي عوام ۽ ملڪ جا کليل دشمن آهن جن جي سوچ عوام کي پريشان ڪري ملڪ کي تباھ ڪرڻ آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.