اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ڪرپٽ اپوزيشن جي به اها جرئت ٿي ته حڪومت تي تنقيد ڪري سگهي.
ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ چئي ٿي ته پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني گهٽي، ڪنهن کي ناهي خبر ته اهي اهو ڇو چئي رهيا آهن.
هن چيو ته رپورٽ ۾ مالياتي ڪرپشن جو به ذڪر ناهي پر پريس رليز ۾ اهڙا قصا جوڙيا ويا جو ڪرپٽ اپوزيشن کي به اها جرئت ٿي ته حڪومت تي تنقيد ڪري سگهي.
ٹرانسپیرنسی انٹرنیشنل کی رپورٹ کہتی ہے پاکستان میں Rule Of Law میں تنزلی ہوئ ہے، کسی کو نہیں پتا وہ یہ کیوں کہ رہے ہیں؟ مالیاتی کرپشن کا تذکرہ بھی نہیں ہے لیکن پریس ریلیز میں ایسے قصے جوڑے گئے کہ کہ کرپٹ اپوزیشن کی بھی یہ جرآت ہوئ کہ حکومت پر تنقید کر سکیں
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) January 26, 2022
سندس چوڻ هو ته ميان صاحب جا پئسا لنڊن ۾ سياست ۽ پاڪستان ۾ آهي، اڪائونٽ پٽيوالن جي نالن تي آهن ۽ پٽ انگلستان ۾ آهن، اپارٽمينٽ لنڊن ۾ ۽ ڌيءَ جي نالي تي آهن.
فواد چوڌري چيو ته اسان منظم مافيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عالمي بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو سان ترقي جي تصديق ڪري رهي آهي، ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي پاليسين تي تعريف عالمي سطح تي ٿي رهي آهي.