مهرباني ڪري گاڏين ۽ جهازن مان لهو، عوام جي حالت ڏسو: پي ٽي آءِ ميمبر مڇرجي پيو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنهنجي ئي ميمبر نور عالم خان پنهنجي ئي جماعت سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر تي مڇرجي پيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر نور عالم خان قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان بيڪ بينچر به ووٽ کڻي ايندا آهيون، ڇا اسان رڳو هتي ووٽ ڏيڻ ايندا آهيون؟ نور عالم خان چيو ته گناهه گار رڳو اهي اڳين ٽن قطارن وارا ئي ناهن، ڊپٽي اسپيڪر، اوهان سان ڏي ڏسندا ئي نه آهيو، اوهان کي اهي ئي 3 قطارون نظر اينديون آهن.سندس چوڻ هو ته مهرباني ڪري گاڏين ۽ جهازن مان لهو، عوام جي حالت ڏسو، اڳين ٽن قطارن وارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهو، پاڪستان بچي ويندو.03

  • ڪراچي ۾ ف ليگ جون احتجاجي ڪئمپون پٽيون ويون، ڌرڻي جو چتاءُ

ڪراچي(رپورٽر) گڏيل اپوزيشن جماعتن بلدياتي ترميمي قانون خلاف اڄ وزير اعلي ھاؤس آڏو ڌرڻي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، پيپلز پارٽي پوليس گردي تي لھي آئي آهي،فنڪشنل ليگ جون ڪيمپون پٽيون ويون آهن،جنھن جي مذمت ڪيون ٿا، فنڪشنل ليگ ھاؤس ۾ گڏيل اپوزيشن جو اجلاس،اجلاس مين جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم،ايم پي اي حسنين مرزا،عارف مصطفيٰ جتوئي،پي ٽي آئي جي پارلياماني ليڊر بلال غفار، ،ايم ڪيو ايم پاڪستان جي محمد حسين،جاويد حنيف ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي سردار عبدالرحيم چيو ته بلدياتي قانون خلاف گڏيل اپوزيشن اڄ  ڇنڇر ڏينھن ڦوهارا چوڪ تي تاريخي احتجاج ڪندي،ھن بلدياتي قانون خلاف وزيراعلي هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو به ھڻي سگھون ٿا،هن چيو ت 12 جنوري تي سنڌ جي سمورن ضلعن جي پريس ڪلبن آڏو  ڪامياب احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ھن چيو ته گڏيل اپوزيشن پاران 2019 ۾ بلدياتي بل اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو آھي پر اسپيڪر ڊڪٽيٽر شپ جو مظاھرو ڪندي بل پيش نٿي ڪري. پريس ڪانفرنس جي موقعي تي ايم پي اي حسنين مرزا،عارف مصطفي جتوئي،جاويد حنيف،خضر حيات منگريو،بئريسٽر ارشد شر بلوچ ۽ ٻيا موجود هئا. 03

  • نثار کهڙي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت ٻڌڻي مارچ تائين ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پ پ اڳواڻ نثار کهڙي جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي حوالي سان داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته گهرو کاتي 5 جنوري کان 28 فيبروري تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، درخواستگذار نثار کهڙي جي وڪيل چيو ته اي سي ايل مان مستقل طور تي نالو ڪڍڻ جو حڪم ڏنو وڃي، عدالت چيو ته درخواستگذار پرڏيهه مان واپس اچي وڃي پوءِ ڪيس هلائيندسين، عدالت مارچ جي پهرين هفتي تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي ياد رهي ته نثار کهڙي خلاف ڪڻڪ چوري ۽ ملڪيتون ٺاهڻ جي ڪيسن جي انڪوائري جاري آهي.

  • مني بجيٽ جي حمايت ڪندڙن کي عوامي غضب کي منهن ڏيڻو پوندو: امتياز شيخ

ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ مني بجيٽ جي منظوري تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مني بجيٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙن کي عوامي غضب کي منهن ڏيڻو پوندو، عمران خان ڪنٽينر تي بيھي چوندو هو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان بهتر آهي ته خودڪشي ڪري،خان صاحب اوهان ته خودڪشي نه ڪئي. پر عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم سميت سموري حڪمران پارٽي سخت مايوسي جو شڪار آهي، ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين جون به ضمانتون ضبط ٿي وينديون،  ، توانائي واري وفاقي وزير جي سندس پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي ٻڙي ھجڻ باوجود پر هو اسيمبلي فلور تي ٻين کاتن جي ڪارڪردگيءَ جو بيان ڪندو رهي ٿو، هن چيو ته هو سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ڪڏهن به ھٿان وڃڻ نه ٿو ڏئي.وفاقي حڪومت پاران هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ باوجود سنڌ جون سرڪاري اسپتالون ٻين صوبن جي مريضن سان ڀريل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.