فرازنا جمالي کي انصاف نه مليو، ٻيهر انڪوائري، اڄ بيان ٿيندا

نوابشاھ(رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) شھيد بينظير جنرل يونيورسٽي نوابشاھ جي انگريزي شعبي ۾ پرھندڙ اڳوڻي شاگردياڻي فرزانہ جمالي پاران يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ارشد سليم آرائين ۽ يونيورسٽي جي ليڪچرار عامر حسين خٽڪ خلاف فرزانہ جمالي کي مبينہ طور جنسي حراسان ڪرڻ واري ڪيس کي 3 سال گذري وڃڻ باوجود ۽ ڪيس ۾ عامر حسين خٽڪ خلاف ضمانت نہ ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود سنڌ جي نياڻي کي انصاف نہ ملي سگھيو انھي ڏس ۾ فرزانہ جمالي جي وڪيل علي پلھ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪِٽ بينچ حيدرآباد ۾ معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي جنھن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ بينچ حيدرآباد پاران سنڌ جي ٻن اعليٰ ساک رکندڙ پوليس آفيسرن اي ايس پي سُھائي عزيز ٽالپر جي سربراھي ۽ ڊي ايس پي سراج لاشاري تي مشتمل انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو جيڪا ڪاميٽي 15 جنوري (اڄ) منجھد جو 2 وڳي ڌاري نوابشاھ ۾ واقع ايس ايس پي آفيس پھچندي جتي شاگردياڻي فرزانہ جمالي ۽ الزام ھيٺ آيل ليڪچرار عامر حسين خٽڪ کان بيان ورتا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.