ڀرياسٽي لڳ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، ٽرالر تي ڇاپو، 12 سئو ٻوريون هٿ

ڀرياسٽي ( رپورٽ: مجيد ڪيريو )  ڀرياسٽي يوريا ڪلر جي کوٽ سبب آبادگار پريشان اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا ڪلر جي ٽرالر تي چاپو هڻي 12 سئو ٻوريون هٿ ڪري ورتيون  جيڪي مقامي زميندار جي  گدام ۾ لاٿيون ويون تفصيل موجب ڀرياسٽي اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا شاهد حسين سرڪي ڀرياسٽي مان گذرندڙ ڪلر يوريا جو ٽرالو هٿ ڪري ورتو ٽرالو يوريا ڀاڻ کڻي مورو طرف وڃي رهيو اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا شاهد حسين سرڪي ٽرالي مان 1200 ٻوريون ايم پي ايس سيد مراد علي شاهه جي گدام ۾ لاهي رکرائي ڇڏيو جڏهن ته واقعي واري هنڌ سوين آبادگار ڪلر وٺڻ لاءِ پهچي ويا ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪشمنر ڀريا ٻڌايو ته ٽرالر کي ڪلر سميت تحويل ۾ وٺي مقامي زميندار جي گدام ۾ رکرايو آهي جيڪا هاڻ لسٽ تيار ڪري زمين جي آدهار تي آبادگارن ۾ ورهايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.