فريد آباد لڳ لاوارث ڄاڻائي دفن ڪيل شخص جي قبرڪشائي

فريدآباد  ( ن ع آ )5 مھينا اڳ ڪاڇي جي شاھ گودڙيو  ٿاڻي جي حد ۾ مبينا طور نامعلوم لاوارث پراڻو لاش ھٿ آيو ھيو اطلاع تي شاھ گودڙيو  پوليس لاش کڻي ميھڙ  آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد ڪنهن به لاش جي سڃاڻپ نه ٿي ھئي ـ شاھ گودڙيو  پوليس لاش قبرستان ۾ دفنايو ھيو ، جڏهن ته پنجن مھينن بعد ميھڙجي سيڪنڊ سول ڪورٽ اينڊ ايم ٽي ايم سي جي جج مجيب الرحمن  ڦلپوٽو سو موٽو نوٽيس ورتو جنهن ۾ لاش جي قبر ڪشائي جو حڪم ڏنو ۽  ميھڙ  ڊي ايس پي محمد يونس رودناڻي ، شاھ گودڙيو  ٿاڻي جي انچارج برڪت چانڊيو  پوليس ساڻ ڪري قبر ڪشائي ڪئي وئي ـ قبرڪشائي ۾ ميڊيڪل آفيسر  ڊاڪٽر وقار احمد شيخ ـ ڊاڪٽر وحيد علي ناھيو ـ ڊاڪٽر سليم اختر ڀٽي ـ ڊاڪٽر عبدالعزيز شيخ ۽ ٻين لاش 11 جزا ورتا ويا ـ جيڪي جزا حيدرآباد  روھڙي چيڪب لاء اماڻيا ويندا ـ رپورٽ  ملڻ بعد جاري ڪئي ويندي ـ قبرڪشائي وقت انتظام سخت ڪيا ويا ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.