گھوٽڪي: ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس، جوابدارن جي گرفتاري خلاف عورتن جو احتجاج

گھوٽڪي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي زخمي ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ خلاف عورتن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سومرا محلا جي رهواسڻ جي عورتن مسمات زبيده، مسمات شهناز ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو زال کي زخمي ڪندڙ اربيلي مهر سان ڪو به واسطو نه آهي، پوليس بنا جواز اسان جي ماڻهن حاڪم، عنايت الله ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو آهي.

هنن ايس ايس پي گھوٽڪي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.