ھالا ۾ ڪارروائي غيرقانوني آئل ٽرالر تحويل،5 جوابدار گرفتار

ھالا(ن ع آ) ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ پاران ضلعي ۾ ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي ڀر جي پوليس کي الرٽ رکڻ ۽ ڏوهارين کي کي گرفتار ڪرڻ جي سخت هدايتن تي ايس ايڇ او هالا شاهد  عثمان ملڪ هڪ خفيه اطلاع تي ايران مان غير قانوني طور آئل سان ڀريل ٽرالر کي روڪي ٽرالر عملي کان آئل متعلق پڇڻ تي ٽرالر عملي پاران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي هالا پوليس غيرقانوني 45 هزار ليٽر غيرقانوني ڀريل ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺندي ٽرالر ۾ پنجن جوابدارن هر هڪ رحيم الله، شاڪر راجپوت، طيب حسين، ولي محمد ۽ سعيدالله کي گرفتار ڪندي کين ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو جنهن بعد هالا پوليس ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ جي هدايت تي پڪڙيل جوابدارن خلاف آئل اسمگلنگ، ٽرالر چوري جو ڪيس داخل ڪندي کين چالان ڪندي کين هالا جي عدالت پهچايو ويو.ٻئي طرف آئل اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن شاڪر راجپوت، سعيدالله ۽ ٻين هالا عدالت ۾ پيشي دوران هنن مقامي صحافين سان ڳالهائيندي هنن هالا پوليس تي الزام هڻندي چيو ته هالا پوليس پاران کين وڏي رقم طلب ڪئي ويئي.  جنهن جي انڪار تي هالا پوليس مٿن بيگناهه کين آئل ڪيس ۾ ڦاسائي مٿن ڪوڙو هٿرادو ڪيس داخل ڪندي کين پريشان ڪري رهي آهي هنن ٻڌايو ته هو عدالت ۾ ثابت ڪندا هو بيقصور آهن ۽ مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف اعلا عدالت ذريعي کين سزا ڏياريندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.