پي ڊي ايم ۾ واپسي جو امڪان رد، اڳ چيو هو ته حڪومت نه هلندي: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو + م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پپيلز پارٽي جي ٻيهر پي ڊي ايم جو حصو بڻجڻ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت فيصلو ٻڌائيندي سندس ضمانت منظور ڪئي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته نيب نيويارڪ اپارٽمينٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري کي گرفتار نٿو ڪري سگهي. گرفتاري لاءِ نيب کي احتساب عدالت سان رابطو ڪرڻو پوندو. صحافي آصف زرداري کان ان هائوس تبديلي بابت سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ اڳوڻي صدر جواب ڏنو ته انشاءَالله بهتر ٿيندو. آصف علي زرداري چيو ته مون پهرين ڏينهن چيو هو ته هي نااهل ۽ نالائق آهن، هنن کان حڪومت هلي نه سگهندي، هنن کان ملڪ هلي نه سگهندو. آصف زرداري جواب ڏنو ته مون کي خبر ناهي پر مان سمجهان ٿو ته پ پ ٻيهر پي ڊي ايم جو حصو نٿي بڻجي سگهي. 03

  • تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن طرفان آئين جي آرٽيڪل 62 (ون ايف) تحت تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ لاءِ درخواست تيار ڪري ورتي آهي، جيڪا جلد داخل ڪئي ويندي. درخواست سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو صدر احسن ڀون داخل ڪندي ۽ وفاق کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويندو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ اپيل جو حق ۽ سپريم ڪورٽ جا خاص اختيار ڏنا وڃن، اميدوار کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي  آهي. سپريم ڪورٽ بار پاران تيار ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ مڪاني ادارن جي چونڊن واري فيصلي ۾ چيو آهي ته چونڊيل نمائندن کي عوام کان پري نه ٿو رکي سگهجي ۽ غلطي ڪندڙن کي اسلامي تعليمات تي نظرثاني ۽ معافي جو حق نه ڏيڻ خلاف آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته رڳو چونڊ تڪرارن ۾ تاحيات نااهلي جو اصول لاڳو ڪيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 184 ۽ آرٽيڪل 99 جي به تشريح طلب ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ 2017 تي شريف خاندان خلاف پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو هو. ڊسمبر 2017 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ان وقت جي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين کي فارنگ فنڊنگ ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو ويو هو.

  • شهبازشريف خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي معاملي تي سندس ڀاءُ اپوزيشن اڳواڻ شهبازشريف جي خلاف عدالت وڃڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي ڪابينه جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته نوازشريف جي صحت جو ڊرامو ڪيو ويو جيڪو صحيح ناهي. هاڻ ڪابينه ان معاملي تي شهباز شريف جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته نوازشريف 17 مهينن دوران ڪوبه علاج ناهي ڪرايو هن جيڪي رپورٽون اماڻيون آهن انهن کي پنجاب حڪومت رد ڪري ڇڏيو آهي. نوازشريف جو علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ هڪ فراڊ هو ۽ ان فراڊ ۾ شهباز شريف ساڻس ڀائيوار آهي، فواد چوڌري چيو ته نوازشريف جي گهر ڀاتين سان پاڪستاني هاءِ ڪميشن رابطو ڪيو پر هنن رپورٽون ناهن ڏنيون. پاڪستان ايمبيسي ٻيهر رابطو ڪيو پر هنن جواب ناهي ڏنو. هاڻ شهباز شريف پنهنجي بيان موجب نوازشريف کي پاڪستان آڻڻ لاءِ قدم کڻي، فواد چوڌري چيو ته عدالت ۾ اها درخواست ڏينداسين ته شهباز شريف نواز شريف کي واپس آڻي. ٻئي صورت ۾ کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

  • ان هائوس تبديلي لاءِ ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ان هائوس تبديلي لاءِ ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي، ليگي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هڪ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته عمران خان رياست کي ڪمزور ڪري رهيو آهي، هڪ راءِ اها به آهي ته عمران خان کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته نوازشريف وطن واپس اچي ۽ مقابلو ڪري.

  • وزيراعظم کي هاڻي گهر وڃڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جي معاشي بدحالي جي ور چڙهيل آهي ۽ وزيراعظم پريشان نه ٿيڻ جو رٽ  لڳائي رکي آهي. پي ٽي آءِ  وٽ هاڻ اعلانن جو وقت ناهي رهيو. اسان سمجهون ٿا ته هاڻي وزيراعظم کي نه گهٻرائڻ جي رٽ کي  ڇڏي ڪري وڃڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي. اسٽيٽ بئنڪ اسان جي هٿن مان نڪري رهي آهي، ملڪ آءِ ايم ايف وٽ گروي ٿي چڪو آهي، هن چيو ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ شفاف چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. چونڊ عمل قوم جي اعتماد کي نقصان پهچايو آهي. عوام سمجهي ٿو ته سندن ووٽ سان ڪا به تبديلي نه ايندي. اليڪشن کي شفاف بڻائڻ لاءِ سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪنوينر فاروق ستار سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

  • تاحيات نااهلي ڪيس جو فائدو نواز ۽ جهانگير ترين کي ٿيندو: احسن ڀون

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار جي صدر احسن ڀون چيو آهي ته شهبازشريف ج4 بيان حلفي جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، شهبازشريف خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نٿي ٿي سگهي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته تاحيات نااهلي خلاف ايندڙ هفتي درخواست داخل ڪنداسين، آرٽيڪل 62 ۾ تاحيات نااهلي بابت ڪا به تشريح ناهي، ان درخواست سان نواشريف ۽ جهانگيرترين کي فائدو ٿيندو

  • وزيراعظم پرڏيهي ڪمپنيون هلائيندو ۽ پئسا گڏ ڪندو آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي اڪائونٽن ۾ غبن سامهون آيو آهي. تحريڪ انصاف  طرفان 26 اڪائونٽس مان 4 ڊڪليئر ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب ملڪ جو وزيراعظم پرڏيهي ڪمپنيون هلائيندو آهي ۽ پئسا گڏ ڪندو آهي، اڳوڻي وزير شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مري ۾ ٿيندڙ فوتگين جي ڪوبه ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي. سياحن جي گاڏين کي چيڪ ڪيو وڃي ها ته فوتگيون نه ٿين ها. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس عدالتي فيصلن ۾ صادق ۽ امين جا لقب ورهايا. صدر، وزيراعظم ۽ وزير پرڏيهي ڪمپنيون هلائي رهيا آهن، 7 سالن دوران هڪ بينڪ اسٽيمنٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ناهي ڪرائي وئي.

  • نوازشريف پاران گرين سگنل ڏيڻ جي خبر ناهي: محمد زبير

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته اسان جو چورن وڪامجي رهيو آهي ان ڪري ته پي ٽي آءِ هارائي رهي آهي، هڪ  خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته نوازشريف ڪهڙو گرين سگنل ڏنو آهي، حڪومت جا هاڻي آخري ڏينهن آهن.

  • پ پ سان مثالي اتحاد آهي، پارليامينٽ اندر تبديلي ايندي:خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت ٻڏي رهي آهي ۽ ان جي خاتمي جو وقت ويجهو آهي، شهبازشريف خلاف ڪارروائي حڪومت جو پاڻ کي بچائڻ لاءِ آخري قدم هوندو، پارلياماني پارٽي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته وزيراعظم کي به خبر هئي ته نوازشريف بيمار هو، حڪومت پاڻ بورڊ ويهاريو، هن چيو ته نوازشريف جي علاج ۾ وقت لڳندو، اپوزيشن پارٽيون ان هائوس تبديلي تي فيصلو ڪنديون، حڪومت اعتماد وڃائي چڪي آهي، پارليامينٽ اندر ئي تبديلي آندي وڃي، هن چيو ته پ پ سميت اپوزيشن جو پارليامينٽ ۾ مثالي اتحاد آهي، لانگ مارچ گڏجي به ڪري سگهجي ٿو،

  • ارب پتي بڻجندڙ وزيرن ۽ اڳواڻن جي لسٽ ٺاهيان پيو: احمد جواد

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري احمد جواد پنهنجي ئي پارٽي جي قيادت ۽ ساٿين تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هو پي ٽي آءِ دور ۾ ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻجندڙ وزيرن ۽ اڳواڻن جي لسٽ ٺاهي رهيو آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته درٻاري ڪاربن مونو آڪسائيڊ وانگر هوندا آهن جيڪي ليڊر کي گهري ننڊ ۽ پوءِ موت تائين وٺي ويندا آهن، بني گالا سمهندو رهوي ۽ عوام سرديءَ ۾ مرندو رهيو، هن چيو ته عمران خان کي درٻارين جي نه جاڳائڻ وارن جي ضرورت آهي، رياست مدينه ۾ انصاف ۽ احتساب سڀني جو ٿيندو،

  • ڪوڙو حلف نامو ڏيڻ تي شهبازشريف خلاف ڪارروائي ٿيندي: احمد اويس

اسلام آباد(م ڊ) ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احمد اويس چيو آهي ته شريف ڀائرن سازش ڪري عدالت کي دوکو ڏنو، عدالت ۾  ثبوت ويندا ته خبر پوندي ته ڪهڙي طرح فراڊ ڪيو ويو، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عدالت ۾ ڪوڙو حلف نامو ڏيڻ تي ڪارروائي ٿيندي، حڪومت کي شهبازشريف خلاف عدالت وڃڻ جو عمل اڳ ئي ڪرڻ گهرجي ها، ن ليگ جي قيادت ملڪ دشمنن جي هٿن ۾ کيڏي رهي آهي، اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيو ته نوازشريف جي بيماري جي نوعيت ڇا آهي، هن چيو ته ايتري وڏي معاملي تي به عدالت خاموش ٿي وڃي ته ساک کي نقصان ٿيندو،

  • سالن جو گند آهي، عمران خان کي ٿورو وقت ڏيو: عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي ناليواري گلوڪار عطاءُ عيسيٰ خيلوي چيو آهي ته ٽن سالن ۾ ڪوٻوٽو ميوو نٿو ڏئي، عمران خان کي   ٿورو وقت ڏيو، جنهن قوم کي بگڙڻ ۾ 30،35 سال لڳا هجن ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، هڪ انٽرويو ۾ هن عمران خان سان ناراضگي ٿيڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته دل هن کي ڏنو، هو ئي ان ۾ رهندو، اسان ماڻهو امانت ۾ خيانت نٿا ڪريون هن چيو ته ايندڙ حڪومت به عمران خان جي هوندي، جڏهن منهنجي دل چاهيندي آهي، هن سان ملاقات ڪندو آهيان،

  • بي اعتمادي رٿ بعد نئون وزيراعظم آڻينداسين: احسن اقبال

اسلام آباد(م ڊ) ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ کي رد نٿو ڪريان، پي ٽي آءِ ميمبرن جو وڏو انگ اسان سان گڏ هوندو، هن چيو ته اتفاق راءِ سان وزيراعظم جو اميدوار آڻينداسين، 90 ڏينهن لاءِ ڪو وزيراعظم آندو وڃي ته سڀني پارٽين لاءِ قابل قبول هوندو، هن چيو ته نين چونڊن تائين ڪو متفق وزيراعظم آڻينداسين، وزيراعظم جي اميدوار لاءِ ن ليگ کي ڪا به دلچسپي ناهي

  • نوازشريف واپس نه آيو ته شهباز نااهل ٿيندو: فرخ حبيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نوازشريف واپس نه آيو ته شهباز شريف نااهل ٿي  ويندو، نوازشريف صادق ۽ امين ناهي، سپريم ڪورٽ نوازشريف کي تاحيات نااهل ڪيو آهي، هن چيو ته نٿو سمجهان ته نوازشريف جي تاحيات نااهلي جي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ بار جو عدالت وڃڻ اهم آهي يا نه، نوازشريف لنڊن ۾ اسپتالن بدران پولو ميچ ڏسندو رهيو، برطانيا سندس ميڊيڪل رپورٽ مڃڻ لاءِ تيار ناهي، هو چار هفتن جي علاج جو چئي ويو، 17 مهينا گذري ويا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.