عالمي تنظيم پاران ڀارت هٿان قيد ڪشميري صحافي جي آزاديءَ جو مطالبو

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ قائم صحافين جي عالمي تنظيم ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽ (سي پي جي) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت جي خلاف احتجاج جي ويڊيو ٺاهڻ بعد حراست ۾ ورتل صحافي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب سي پي جي چيو آهي ته هڪ آزاد صحافي ۽ ميڊيا جو شاگرد سجاد گل گرفتار آهي، جنهن سبب تمام گهڻي بيچيني آهي، رپورٽون آهن ته کيس سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو اپ لوڊ ڪرڻ بعد گرفتار ڪيو ويو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر  تي بيان ۾ ڀارت کان مطالبو ڪيو ويو ته اختياريون صحافي سجاد گل کي فوري طور آزاد ڪن ۽ هن جي صحافتي ڪم بابت جاچ کي واپس ورتو وڃي.

واضح رهي ته ڀارتي فوجين صحافي سجاد گل کي والاريل ڪشمير جي اتر جي هڪ ڳوٺ شهگنڊ ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪيو هو ۽ بعد ۾ کيس پوليس جي حوالي ڪيو ويو.

ان کان اڳ هُن حريت پسند جي قتل خلاف سندس وارثن ۽ عزيزن جي احتجاج جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي هئي.

شروعاتي طور پوليس چيو ته صحافي کي آزاد ڪيو ويندو پر گذريل ڏينهن سندس گهر ڀاتين کي ٻڌايو ويو ته هن خلاف سازش ڪرڻ ۽ قومي استحڪام خلاف ڪم ڪرڻ جي الزام تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

گهر ڀاتين کي ٻڌايو ويو ته ڏوهه ثابت ٿيو ته کيس عمر قيد يا وري موت جي سزا ملي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.