حيدرآباد ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، شهري يرغمال، ڦرلٽ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ بدامني وڌي وئي، لطيف آباد ۾ هٿياربندن پاران هڪ گهر تي چڙهائي ڪري گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين روپين جي ماليت جا سونا زيور، هزارين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو، گذريل هڪ هفتي دوران شهر جي مختلف علائقن مان ڦر، چورين ۽ ڌاڙن جون وڏيون وارداتون رپورٽ ٿيون، پر پوليس ڏوهارين تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي، شهر ۾ بدامني وڌي وڃڻ ڪري شهري خوف ۾ ورتل آهن. ڪالهه حسين آباد ٿاڻي جي حد لطيف آباد نمبر 4 جي علائقي ۾ 5 هٿياربند انور حسين شيخ پٽ عبيد حسين شيخ جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي، واردات رات جو 3 کان 5 بجي جي وچ ۾ ٿي، ان دوران هٿياربندن 6 کان 8 تولن جا سونا زيور ۽ 10 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. گهرڀاتين موجب ڦورن جي منهن تي ماسڪ لڳل هئا ۽ هنن کين ڪمرن ۾ بند ڪري ڦرلٽ ڪئي. ٻڌايو پيو وڃي ته انور حسين شيخ اسٽيٽ ايجنسي جو ڪم ڪندو آهي. پوليس واردات کي مشڪوڪ قرار ڏئي رهي آهي. ٻئي طرف فورٽ ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چور ٽريڪٽر مارڪيٽ جي علائقي ۾ 4 دڪانن جا تالا ٽوڙي يو پي ايس، بيٽريون ۽ نقد رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا. صبح جي وقت چور موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي آيا ۽ هنن الڪريمي آٽوز مان يو پي ايس، بيٽري ۽ 6 هزار رپيا روڪ رقم، شاهد آٽوز مان بيٽري، المصطفيٰ ۽ رشيد آٽوز مان 5-5 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ۽ فرار ٿي ويا. متاثر دڪاندار سراج موجب چوري جي واردات بابت سي سي ٽي وي فٽيج به پوليس حوالي ڪئي وئي آهي. پر اڃا تائين جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن ۽ نه ئي وري کين سامان واپس مليو آهي. هوڏانهن گذريل هڪ هفتي دوران ڦرن، چورين ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. رپورٽ ٿيل واقعن موجب ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد امپائر ٽاور واري علائقي ۾ قائم ڪار شوروم جا تالا ٽوڙي چور 2 لک 73 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چورائي ويا هئا. پوليس مڪي شاهه جي رهواسي شوروم مالڪ لطيف پٺاڻ جي فرياد تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي. نسيم نگر پوليس پوسٽ جي علائقي فيز ٽو سينٽ بونا وينچر اسڪول ڀرسان اي ايس آءِ فراز ميمڻ جي گهر ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي. اي ايس آءِ جي پوسٽنگ ڄامشورو ۾ آهي. هن ٿاڻي تي پهچي گاڏي چوري ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي هئي. ڪينٽ جي علائقي رابعه اسڪوائر ۾ رهواسي افضل نالي شهري جي موٽرسائيڪل به اڻڄاتل چور چوري ڪري ويا آهن. ڪينٽ پوليس متاثر شخص جي فرياد تي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي. اهڙي طرح ڦليلي ٿاڻي جي حد جي پڃرا پور واري علائقي ۾ جوابدار گيهه ۽ تيل وڪرو ڪندڙ هڪ ٽريڊرز جي دڪان جا تالا ٽوڙي ۽ شٽر ڪٽي دڪان ۾ پيل 10 لک 75 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا هئا. دڪان مالڪ موجب چور دڪان مان سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي ڊوائيز به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ مان ٻه ڏينهن اڳ ٻن هٿياربندن موبائيل جي ايپل دڪان تان 3 لک رپين جي ڦرلٽ ڪئي. ۽ فرار ٿي ويا. هٿياربند موٽرسائيڪل تي سوار ٿي آيا هئا. حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوڻا 7 نمبر وٽ انڊر پاس ويجهو هٿياربند ڪول مائنز جي اڪائونٽنٽ آصف کان 5 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. آصف لطيف آباد جي هڪ بئنڪ مان رقم ڪڍرائي ڄاڻايل هنڌ پهتو ته موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربند کيس ڦري آيا ۽ هٿيار ڏيکاري رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. قاسم آباد ۾ نسيم نگر پوليس پوسٽ جي حد ۾ هٿياربندن الحمد جنرل اسٽور تي ڪاهه ڪئي ۽ هٿيار ڏيکاري ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شهرين دانهون ڪيون جنهن تي هٿياربند دڪاندار جي هٿ ۾ پيل 100 رپيا کسي فرار ٿي ويا. اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ چور پوليس اهلڪار اسد جي موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا. موٽرسائيڪل سندس گهر آڏو بيٺل هئي. اهڙي طرح نئين سال جي شروعات ٿيڻ کان هڪ رات اڳ ئي حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ لطيف آباد نمبر 3 گهر مان ڌاڙي جي هڪ وڏي واردات ٿي وئي، جنهن ۾ هٿياربند زميندار نواب نوراحمد ٽالپر جي بنگلي مان هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا سونا زيور، روڪ رقم ۽ هٿيار ڦر ڪري فرار ٿي ويا. 6 کان 7 هٿياربندن نواب نور احمد ٽالپر جي گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ گهر ۾ موجود مينيجر ۽ ملازمن کي يرغمال بڻائي المارين جا تالا ٽوڙيا ۽ 35 تولن کان مٿي سونا زيور،  ڊائمنڊ جا ٻه سيٽ، روليڪس واچ، 5 لک رپيا روڪ رقم ۽ قيمتي سامان  سميت لائسنس واري رائيفل، پستول ۽ 3 شارٽ گن ڦر ڪري فرار ٿي ويا. حيدرآباد جا شهري بدامني وڌي وڃڻ ڪري پريشاني ۾ مبتلا آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ روز شهري ۽ دڪاندار هٿياربندن هٿان ڦرجندا رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سدوزئي سان رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهي، جڏهن پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪاررواين ۾ مصروف آهي، ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي ۽ متاثر ماڻهن سان مڪمل تعاون به ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.