قمبر ۾ پوليس جون ڪارروائيون، 7 جوابدار گرفتار

قمبر(ت ر) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنا جي سخت احڪامات تي منسيات فروش،روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين خلاف  ڪريڪ ڊائون جاري آھي۔ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ھڪ منشيات فروش سميت گهربل ڪيسن ۾ ست روپوش ۽ اشتهارين ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.جن ۾ مشيات فروش امجد لغاری کان ٽي ڪلو گرام چرس برآمد ڪری منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪری ورتو آھي۔ ان کان علاوه روپوش ۽ اشتھاري ڏوھارين  ۾محمد جان مگسي ابراهيم رند، اختيار مغيري،رزاق ٻرڙو،ديدار چانڊيو، جاڙو ميڪڻ ۽ ڇٽل چنجڻي شامل آھن۔ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنا  چيو ته  منشيات فروشن ، روپوش ۽ اشتهاري جوابدارن خلاف قمبر شھدادڪوٽ پوليس جون ڪاروايون جاري آھن۔منشيات فروش سماج جا دشمن آھن روپوش ۽ اشتھاري جوابدار عدالتن ۾ ڪيسن کي منھن ڏين نه ته  سندن خلاف ڇاپن جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.