منگهو پير مان پوليس اهلڪارن نوجوان کنڀي گم ڪري ڇڏيو

سرجاني (ن ع آ)منگھو پير پوليس جي حد سلطان آباد جي رھائشي ظاھر خان صحافين اڳيان داھيندي ٻڌايو ته پھرين جنوري جي  شام جو منھنجو ڀاء عالم زيب ولد بھادر خان گھر جو سودو سامان وٺڻ لاء گھران نڪتو ته ڀريل بازار ۾ ٻن گاڏين تي سوار ھٿيار بندن جنھن ۾ چار پوليس وردي پاتل  ۽ چار سيول ڪپڙن ۾ پوليس اھلڪارن کنڀي گاڏي ۾ وجھي فرار ٿي ويا، ان چيو ته مون حد جي پوليس کي اھڙو اطلاع ڪيو، ان الزام ھڻندي چيو ته حد جي پوليس لاپرواھي ڪندي مدد نٿي ڪري، جڏھن ٿاڻي تي وڃون ٿا ته اتي ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ڪونھي، ان چيو ته جيڪڏھن منھنجي ڀاء عالم زيب مٿان ڪو ڪيس وغيره آھي ته ان کي ظاھر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏھن ڪنھن اغوا ڪيو ته به منھنجي ڀاء کي واپس ڪرائڻ پوليس جي زميداري آھي، ان چيو غريب ۽ امير لاء ھڪ قانون ھجڻ گھرجي، ان چيو ته اسان غريب ماڻھو آھيون گھر ڀاتي پريشان آھن، ان وڌيڪ ٻڌايو  ته مون آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس ۽ ٻين آعليٰ عملدارن کي درخواستون موڪليون آھن پر اڃان ڪو ڏس پتو نه پئيجي سگھيو آھي، ان چيو ته آء وزيراعظم پاڪستان، وزير آعلى سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس ۽ ٻين عملدارن کي اپيل ڪريان ٿو ته منھنجي ڀاء کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک ھڙتال تي فيملي سميت ويھي رھندس،

  • محرابپور ۾ بجلي ڪرنٽ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي ۾ فوت

محرابپور (ن ع آ )  محرابپور ۾ نوناري پاڙي جو رهواسي فوجي اعجاز علي نوناري جو نوجوان پٽ امان الله نوناري جنهن کي ٽي ڏينهن اڳ وارڊ نمبر هڪ مان گذرندڙ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏي جڏهن ته فوتي جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.