عدالتي حڪمن بعد ڪارونجهر جي ڪٽائي بند، ڪمپنين جون ڪئمپون ختم

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)عدالتي حُڪمن بعد ڪارونجهر جي ڪٽائي بند،پوليس ڪمپنين جون ڪئمپون ختم ڪرائي ڇڏيون،پٿر کڻڻ جي صورت ۾ گاڏيون تحويل ۾ وٺڻ جي وارننگ،خبرموجب:ننگرپارڪر جي جُڊيشل مئجسٽريٽ سيد ڪرم علي شاھ جي عدالت جي حُڪمن بعد انتظاميا ڪارونجهر جي ڪٽائي مڪمل طور تي بند ڪرائي ڇڏي آهي،پوليس کارسر ۽ چڻيندا وٽ ڪوهنور ڪمپني پاران جبل جي ڪٽائي لاءِ قائم ڪيل ڪئمپون پٽي ختم ڪرائي ڇڏيون آهن،جنهن بعد ڪمپنين پاران اُتي قائم ڪيل بيس ڪئمپون پُڻ ختم ڪيون ويون آهن،پوليس پاران ڪٽائي واري هنڌ پهچي ڪمپنين کي سخت هدايتون ڏيندي پٿر کڻڻ جي صورت ۾ سخت ڪاروائي جي وارننگ ڏني آهي ۽ پٿر کڻڻ جي صورت ۾ گاڏين کي تحويل ۾ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن،جنهن بعد پوليس سان گڏ رينجرز به عدالتي حُڪمن تي عمل ڪرائڻ ۾ سرگرم آهي،جنهڪ بعد هن وقت چڻيندا ۽ کارسر جبل وٽ ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ٿيڻ بعد ماٺار لڳل آهي،پر پوليس بيٺل مشينري کي ضبط ڪري ناهي سگهي،مليل رپورٽن موجب ته ڪمپنين جون گرينڊ مشينون ساڳئي هنڌ تي بيٺل آهن،مقامي عدالت پاران جاري ڪيل آرڊر بعد انتظاميا ۾ ٿرٿلو متل آهي،پر معدنيات کاتو اڃان تائين سرگرم نظر نه ٿو اچي ۽ لاڳاپيل کاتو نالي ماتر قائم آهي،جنهن کي ڪارونجهر جبل بابت ڪا به خاص ڄاڻ ناهي،معدنيات کاتو جبل بابت ڪا به واضع پنهنجي پاليسي جوڙي ناهي سگهيو،ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ٿيڻ بعد رهواسين عدالتي فيصلي جي ساراھ ڪئي آهي،

  • ڪارونجهر جي هنج ۾ گگرال جي تباهي جو عمل تيز

مٺي:ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ گگرال کي تباھ ڪرڻ وارو عمل تيزي ٿي ويو،قيمتيوڻ گگرال کي ٽُڪ ڏئي کنئور ڪڍي وڪرو ڪيو پيو وڃي،جنهن سبب جبل جي سونهن ويتر ختم ٿيندي نظر اچي ٿي،گگرال جو وڻ قيمتي هجڻ جي باوجود انتظاميا ٽُڪ ڏيندڙ ٺيڪيدارن خلاف ڪاروائي ناهي ڪئي،ٻيلو کاتو بااثرن سان ٻٽ بڻيل هجڻ سميت رشوت عيوض خاموش بڻيل آهي،

  • عدالتي فيصلي بعد ڪارونجهر جي سونهن محفوظ ٿيندي: چاچا الهرکيو

مٺي:ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن چاچا الهرکيو کوسو،ذوالفقار کوسو،مصطفىٰ دل ۽ ٻين جاري ڪيل پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته ننگرپارڪر جي عدالت واري فيصلي بعد اسان کي ڪارونجهر جي سونهن محفوظ ٿيڻ جي اُميد آهي،مقامي عدالت جيڪو فيصلو جاري ڪيو آهي اُهو يقينن سڀني جي فتح آهي،عدالت 6 جنوري تي سمورين ڪمپنين کي طلب ڪيو آهي،اسان کي اُنهي ٻُڌڻي ۾ وڌيڪ اُميدون آهن،8 جنوري تي چيف جسٽس پاڪستان مٺي اچي رهيو آهي،اسان ٿر بار کي اپيل ڪيون ٿا ته هُو ڪارونجهر وارو ڪيس چيف جسٽس جي سامهون رکن،اسان جي جدوجهد ڪارونجهر جون ليزون رد ڪرائڻ تائين جاري رهندي،

  • ڊيمن جي اڏاوت ۾ ڪرپشن، ناقص مٽيريل جو استعمال

مٺي:جبل جي هنج ۾ اربين روپين جا ٺهندڙ ڊيم به ڪرپشن ۽ ناقص ڪم جي ور چڙهي ويا،ورلڊ بيئنڪ ۽ شمال ڊيم کاتي پاران چار ارب روپين جي لاڳت سان 18 ڊيم ٺاهيا پيا وڃن،جنهن جو ڪم انتهائي ناقص ۽ لوڪيشنون هنڌ به غلط چونڊ ڪيا ويا آهن،اربين روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ ڊيم جبل مان لهندڙ پاڻي واري مُنهن ۾ ٺاهڻ بدران سائيڊ تي هنڌ چونڊ ڪرڻ سبب برساتي پاڻي ڊيمن اندر جمع ٿيڻ بدران ضايع ٿي ويندو،اهڙي نموني ڊيمن جي غلط چونڊ ڪرڻ توڙي ناقص ڪم جي ڪنهن به جانچ ناهي ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.