ميهڙ: نئين سال جي خوشي ۾ مچ ڪچهري ڪرائي وئي

ميهڙ ۾ نئين سال جي خوشي ۾ مچ ڪچهري ڪرائي وئي.

جانوري هائوس ميهڙ ۾ پ پ اڳواڻ ساجد خان جانوري جي ميزباني هيٺ نئين سال جي خوشي ۾ ثقافتي مچ ڪچهري ڪرائي وئي جنهن ۾ سيد شير محمد شاهه لڪياري، شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته ناليوارن فنڪارن ۽ سگھڙن قومي گيت ڳائي ۽ ڳجهارتون ڏئي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

مچ ڪچهري ۾ آيل مهمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهرايا ويا ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ دعا پڻ گھري وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.