ڇاڇري اسپتال ۾ ويم لاءِ آندل عورت ريفر، ڊاڪٽرياڻي غيرحاضر، احتجاج

ڇاڇرو (ن ع آ)ڇاڇري ويجهو ٿر جي ڳوٺ ڪيتار واسي غريب پورهيت فضل مڱڻهار پنهنجي ڳورهاري زال نيامت کي ايمرجنسي واري حالت ڊليوري لاءِ ڇاڇرو جي تعلقه اسپتال آندي جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ سبب پورهيت جي زال اسپتال ۾ علاج لاءِ تڙپندي رهي، عورت جا وارث  اسپتال انتظاميه آڏو دانهون ڪندا رهيا تي ڳورهاري عورت جي پيٽ ۾ ٻار فوت ٿيڻ جي تصديق بعد ايمرجنسي ۾ ويم ڪرائڻ لاءِ کڻائي آهيان آهيون جيڪڏهن جلدي ٻار نيڪالي نه ٿيندو ته عورت جي زندگي کي خطرو آهي ، اسپتال انتظاميه وارثن کي ٻڌايو تي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي غيرحاضر آهي، جنهن کان پوءِ وارثن اسپتال جي ايم ايس اڳيان ڳورهاري عورت جي وارثن فضل مڱڻهار،شوڪت مڱڻهار ۽ ٻين منٿون ڪيون ته ٻار پيٽ ۾ فوت ٿيل آهي عورت جي ڳڻتي جوڳي حالت آهي زندگي بچائي وڃي دانهون ڪري روئيندا رهيا پر ايم ايس سميت انتظاميا ليڊي ڊاڪٽرياڻي کي گهرائڻ بدران، وارثن کي مشورو ڏنو تي ويم ڪرائڻ لاءِ ڪنهن پرائيوٽ اسپتال وڃو،جنهن بعد غريب وارث  چندو ڪري ڳورهاري عورت جي زندگي بچائڻ لاءِ پرائيوٽ اسپتال کڻائي ويا،ڳورهاري عورت جي وارثن  سول اسپتال جي گيٽ تي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته چيف جسٽس جي ٿرپارڪر جي رٿيل دوري جو ٻڌي  هيلٿ کاتي  وارا صرف اسپتالن کي رنگ روغن ڪري سڀ ڪجهه بهتر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي باقين غريب مسڪين ماڻهن جي علاج لاءِ ڪوبه سهولتون نه آهن حالت اوھان پاڻ ڏسي رهيا آهيون هتي ڪير به غريبن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪونهي، غريب ماڻهو چندو ڪري پرائيوٽ اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن،هنن اعلي اختيارين کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته غيرذميواري جو مظاهرو ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر ۽ اسپتال انتظاميا جي بي حُسي جو فوري نوٽيس وٺي مسڪين ماروئڙن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.