سنڌ ۾پ پ جو متبادل جمعيت علماءَ اسلام آهي: مولانا اسدالله کهڙو

اڏيرولال ( ن ع آ) سنڌ ۾  پ پ جو متبادل جمعيت علماء اسلام آهي ، ڪي پي ڪي جيان سنڌ ۾ به بلدياتي اليڪشن ۾ جي يو آء جا اميدوار ڪامياب ٿيندا، اهڙن خيالن جو اظهار  جي يو آء جي اڳواڻ ۽ معروف خطيب مولانا اسدالله کهڙو اڏيرولال اسٽيشن ۾ ڪوٺايل تهذيب اسلام ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو، هن جو چوڻ هيو ته پ پ جي 14 سالن وارو ۽ اقتدار ۽ پي ٽي آء جو ٽن سالن وارو اقتدار دوان ملڪ تباهي ڪناري پهچي ويو آهي ، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي عوام جي  اميدون جي يو آء سان واڳيل آهن.  ، جمعيت علماء اسلام هر دور ۾ عوام جي حقن جي ڳاله ڪئي آهي، جمعيت جو جوڌو مولانا راشد محمود سومرو هينئر سنڌ جي هر نوجوان جي دلين ڌڙڪن ۾ موجود آهي ، سنڌ جي هر مڪتبه فڪر جو نوجوان راشد محمود کي چاهيندو آهي، ان موقعي تي مولانا اعظم جهانگيري، معروف ثناء خوان ذوالقرنين حيدري، وحيد حسنين حيدري، مولانا ظهور ميمڻ ، حافظ خدابخش ڇٽو ، حافظ عبدالرزاق ڇٽو سميت جي يوآء جا ڪارڪنن وڏي  انگ ۾ موجود هئا.

  • عمر ڪوٽ ۾ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

عمرڪوٽ(  ڊ ر   )لوئر اسٽاف ايسوسيئشن تعليم کاتو عمرڪوٽ جي ملازمن پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي  مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته لوئر اسٽاف ملازمن جي ترقين الائونسز ٽائيم اسڪيل سميت ٻين مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي احتجاجي مظاھري کي نالي مٺو سمون اقبال نھڙي ۽ ٻين خطاب ڪيو ان موقعي تي مظاھري ۾ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي

  • لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جو بجلي پول سان ٽڪر، نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نيو بس اسٽينڊ ڀرسان تيز رفتار موٽرسائيڪل جو بجلي جي پول سان ٽڪر ٿي پيو جتي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب شهر جي نشتر روڊ واري علائقي جو رهواسي نوجوان بهادر علي چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي ڀاءُ اعتبار چانڊيو ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ رتوديرو کان واپس لاڙڪاڻي گهر ڏانهن اچي رهيو هو ته رستي ۾ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.