بنا تصديق انتظامي معاملي کي مذهبي رنگ ڏنو ويو: خواجا آصف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته بنا ڪنهن تصديق جي انتظامي معاملي کي مذهبي رنگ ڏنو ويو.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته سيالڪوٽ واقعو افسوسناڪ آهي، اهو نه رڳو اسان جي معاشري پر ملڪ تي به ڪارو چُٽو آهي، پريانٿا 12، 13 سالن کان پاڪستان ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيو هو.

هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو اسلام جي بدنامي جو سبب آهي، ڪنڌ شرم وچان جهڪيل آهي، دنيا ۾ اسان جي ساک خراب ٿي.

سندس چوڻ هو ته اسان جا سريلنڪا سان سٺا لاڳاپا آهن، جنهن 20 هزار اکيون اسان کي عطيو ڪيون آهن پر اسان نابينا ئي آهيون، اسان کي سريلنڪن قوم کان معافي وٺڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.