ڪامياب ڊائيٽنگ لاءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن روزو رکو: تحقيق  

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪوين ميري يونيورسٽي جي هڪ تازي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪامياب ڊائٽنگ لاءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن روزو رکڻ ضروري آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪامياب ڊائيٽنگ لاءِ روزانو گھٽ کائڻ کان بهتر آهي ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن روزو رکيو وڃي جڏهن ته ٻيا ڏينهن معمول موجب گذاريا وڃن پر انهن پنجن ڏينهن ۾ صحت بخش غذا جو استعمال ڪيو وڃي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته فائيو ٽو ڊائيٽ يعني هفتي ۾ ٻن ڏينهن جو روزو ۽ پنجن ڏينهن معمول موجب غذائن مان گھربل ڪيلوريز ورتيون وينديون آهن. مردن لاءِ 2 کان 3 هزار ڪيلوريز روزانو ۽ عورتن لاءِ 16 سئو کان 2 هزار 400 ڪيلوريز کي روزانو مناسب سمجهو ويندو آهي جڏهن ته باقي ٻن ڏينهن ۾ غذا کي گھٽ ڪندي رڳو 5 سئو ڪيلوريز روزانو تائين محدود ڪيون وينديون آهن.

هفتي ۾ ٻه ڏينهن روزو رکڻ جي عمل کي ميڊيڪل سائنس جي ٻول ۾ ”فاقه“ چيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.