سانگهڙ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي ڪچهري

سانگهڙ (ڊ ر) سانگهڙ انساني حقن واري ڪميشن سنڌ  جي چيئر پرسن جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي طرفان سانگهڙ ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪئي  جنهن ۾ ڪميشن جي ميمبرن پشپا ڪماري، عدنان، ميمبر مينارٽي ڪيشن سنڌ جي ميمبر راجيش ڪمار ھرساداڻي ،ضلعي جي سمورن سرڪاري عملدارن، سول سوسائٽي جي نمائندن، شهرين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. کليل ڪچهري کي خطاب ڪندي جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي چيو ته انساني حقن واري ڪميشن جي قيام کانپوءِ سڄي صوبي ۾ عوام جا مسئلا ترجيح بنياد تي حل ڪيا پيا وڃن ۽ مختلف ضلعن ۾ کليل ڪچهريون ڪري عوام کان سڌو سنئون مسئلا معلوم ڪري انهن جي حل لاءِ موقعي تي حڪم جاري ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سندس ڪميشن سخت محنت ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته ڪميشن عوام جي خواهشن تي پوري لهندي..  کليل ڪچهري ۾ عوام طرفان شهر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ، روڊن رستن جي صفائي سٿرائي، امن امان جي حوالي سان شڪايتون ڪيون ويون جن جي حل لاءِ جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي لاڳاپيل عملدارن کي حڪم ڏنا ته مسئلن جي حل لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. بعد جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي مينارٽي ڪميشن سنڌ جي ميمبر راجيش ڪمار ھرساداڻي جي گهر پهتي جتي سندس مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.