طالبان سان جهڙپون، ايران جو موقف به اچي ويو

تهران(ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ اقتدار هيٺ طالبان جي فورسز ۽ ايران جي سرحدي گاردن جي وچ ۾ جهڙپن جي حوالي طالبان حڪومت جي نائب ترجمان جي بيان کانپوءِ هاڻي ايران جو موقف به سامهون اچي ويو آهي.

ايران جي نيم سرڪاري خابرو اداري تسنيم موجب ايراني سرحدي گارڊن ۽ طالبان فورسز جي وچ ۾ جهڙپون هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن.

خابرو ايجنسي موجب افغان صوبي نمروز جي سرحدي علائقي ۾ طالبان فورسز جون جهڙپون غلط فهمي جي ڪري ٿيون، علائقي جي رهواسين جي وچ ۾ سرحدي تڪرار جي ڪري واقعو ٿيو آهي.

ان حوالي سان ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته افغان سرحد تي معاملو حل ٿي ويو آهي، افغان ۽ ايراني بارڊر گارڊن جي وچ ۾ رابطن کانپوءِ فائرنگ روڪي وئي آهي.

تسنيم نيوز ايجنسي موجب طالبان فورسز طرفان ايراني چيڪ پوسٽن تي قبضن واري خبر ڪوڙي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.