نئين سنڌي تخليقي ادب جي رسول ميمڻ جي موڪلاڻي!

تحرير؛رکيل مورائي

خبر تڪڙن معلوماتي وسيلن سبب تڪڙو پکڙجي وئي، اهو ڪيئن وسرندو ته خبر جيترو تڪڙو پکڙي آهي. هڪ بيحد ڏک جي ولهر اوترو ئي تڪڙي اندر مان سور جي سٽ اڀاري ويئي آهي، هڪ لاجواب شخص جو هن دنيا مان هليو وڃڻ ۽ اهو به بنهه تڪڙو، پنهنجي کوٽ محسوس ڪرائيندو رهندو آهي ۽ گهڻي وقت کان پوءِ به اهو ڏک اهڙو ئي تازو رهندو آهي جهڙو ڏک جو احساس ان گهڙيءَ رسندو آهي،

سنڌي ٻوليءَ جو نهايت اهم ۽ ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي نجي ڪائنات خلقيندڙ رسول ميمڻ تڪڙو ئي هليو ويو. ڳالهه ويساهه جهڙي ڪٿي آهي؟ توڻي ناول  ٻئي پاسي ان سچ کي نه قبول ڪرڻ جي گنجائش به نه آهي، سچ ته سچ آهي ۽ هن سچ کي لنوائي ته سگهجي به کڻي پر قبول ته ڪرڻو ئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪائنات جي تخليقڪار اهو پهريائين چيو هئو ته هر حيات کي موت اوس اچڻو آهي، هر جيئندڙ کي هڪ ڏينهن مرڻو ڪنهن به ريت آهي.

اسان سڀني جيئندڙن لاءِ اهو الڪو گهڻو آهي، جنهن ڪري پنهنجي پنهنجي دائري اندر جستجو ۾ رڌل آهيون، پڙهڻو آهي، نوڪري ڪرڻي آهي دنيا جي ڌن دولت ڪٺي ڪرڻي ۽ پوءِ ان سڀ کي ڇڏي عدم جي راهه تي روانو ٿيڻو آهي. اها روانگي اهڙي آهي، جنهن جي واپسي اڻ ٿيڻي آهي.

نئين سنڌي تخليقي ادب ۾ رسول ميمڻ وڏو نالو آهي، سندس هر لکڻي سندس الڳ الڳ وجود جو  ۽ ويچار جو عيوضيپڻو ادا ڪندڙ آهي، کيس جڏهن به پڙهيو ويندو، سندس وجود، سندس ويچار شڪتي ۽ تخليقي قوتن جو اظهار ڦهلجندو محسوس ٿيندو رهندو، ساڳئي وقت سندس لکڻ ۾ موضوعن جي چونڊ، انهن سان تخليقي ورتاءُ سندس اعليٰ ليکڪ هجڻ جي ساک ڏيندو رهندو.

رسول ميمڻ نئين صديءَ ۾ داخل ٿيندڙ سنڌي ادب ۾ پنهنجي نجي سڃاڻپ رکندڙ اهڙو ڪهاڻيڪار  ۽ ناول نويس هئو جنهن سنڌي ڪهاڻيءَ کي توڻي ناول  اڳتي وٺي وڃڻ ۾ پنهنجو اهم حصو ڳنڍيو آهي، هن ڪڏهن به لکڻ لاءِ نه لکيو! سندس لکڻ سنڌي تخليقي ادب ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکڻ سان گڏ سنڌي تخليقي ادب جي اهڙي ميراث ٿي رهندو، جيڪا سنڌي ادب لاءِ وقت گذرڻ کانپوءِ فخر جو سبب بڻجندي.

هن پنهنجي عمر کان وڌيڪ تخليقون ڏنيون آهن ۽ اهي اهڙيون تخليقون آهن جيڪي ڪنهن به لکندڙ جو ادب ۾ ادبي مرتبو طئي ڪنديون آهن. عمر مرتبو طئي نه ڪندي آهي، عمر جا  پنجهٺ سال اهم نه آهن، اسي نوي سالن تائين لکندڙ جو مرتبو به سندس لکيل ادب طئي ڪندو آهي، نه لکڻ جهڙو لکڻ ڪيترين به عمرين ۾ لکيو وڃي، غير اهم آهي  جيڪي عمريون ملڻيون نه آهن.

جرمن شاعر ماريا رلڪي جو ستٽيهن سالن جي عمر ۾  وڇڙي وڃڻ،  جرمن ادب کان اڄ تائين نه وسري سگهيو آهي، سندس عمر  ۾ ئي وڇڙي ويل نسيم کرل سنڌي ادب کان ڪٿي وسريو آهي؟

وقت عمر جي ڪٿ ڪرڻ وارو نه آهي، پر ادب جي ڪٿ وقت جي ساهمي ئي ڪندي آهي، ڇو ته ان ۾ وٽ کوٽا نه هوندا آهن.

رسول ميمڻ جي ادب جي ڪٿ اڳتي هلي ٿيڻي آهي، جنهن لاءِ  ڪنهن به صورت ۾ وقت گهربل آهي.ادب جيڪو ئي سندس انساني عمر گذرڻ کانپوءِ کيس امرتا ڏيڻ وارو آهي، هو ڪالهه پنهنجي انساني عمر کان الڳ ٿيو آهي. پر پنهنجي ڪهاڻين، ناولن ۽ نظمن ۾ هو هڪ بيمثال تخليقڪار طور سدائين زنده رهڻو آهي. هڪ عمر کان الڳ ٿيڻ زندگيءَ جو موت نه آهي. ادب/ تخليق ڪيئي عمريون عطا ڪندي آهي.

رسول ميمڻ سنڌي ادب ۾ اهڙو تخليقڪار آهي، جنهن جو  وقتي وڇوڙو هڪ گهڙي لاءِ ڏک جو سبب ته آهي ئي پر هو پنهنجي ادب معرفت سدائين اسان سان گڏ رهڻو آهي. ٻيءَ طرح اسانجي اکين ، اسانجي دلين ۽ اسانجي يادگيرن ۾ تيستائين  زنده رهڻو آهي، جيستائين اسانجون اکيون، دليون ۽ يادگيريون سلامت آهن.

اسان سڀني جي کيس جيان هليو وڃڻ کانپوءِ هو سنڌي تخليقي ادب ۾ اهڙي مرتبي سان رهڻو آهي، جهڙي مرتبي سان ڪنهن به ٻوليءَ جا  اهم اديب رهندا آهن ۽ اها سندن اهڙي حيات هوندي آهي، جنهن کان موت جو ملائڪ به سدائين ڏور رهندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي الڳ تخليقي دنيا جا خالق هوندا آهن ۽ خالق مخلوق جا محتاج ڪڏهن به رهڻا نه آهن.

رسول پنهنجي تخليقي دنيا ۾ سدائين خوش رهندو پر اها ٻي دنيا آهي جنهن  جي پور وڇوٽ تي اڄ جي دنيا آهي. جنهن کي موت اوس اچڻو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ  فقط اڄ جي دنيا آهي، رسول ميمڻ ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻ جي دنيا  جو اهڙو رهواسي بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ رهڻ جي سڌ ته ڪري سگهجي ٿي پر رهڻ ڏکيو آهي هوءَ دنيا جيڪا سدائين رهڻي آهي ڪڏهن به ناس ٿيڻي نه آهي.

اهو ضرور آهي ته سنڌي ادب جي دنيا ۾ ڏک جي هڪ نه سهڻ جهڙي لهر اوچتو سنڌ کي ڏکوئي ويئي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڏک سهڻ جي طاقت هاڻ  گهٽ رهي آهي ۽ ڏک به هڪ  اهڙي ليکڪ جو، جيڪو ڪتابن جو انگ وڌائڻ بجاءِ سندس ٻوليءَ جي ادب جو مان مرتبو وڌائيندڙ هجي! رسول ميمڻ جو وڇوڙو تڪڙو اعتبار ڪرڻ جهڙو نه آهي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب توڻي سنڌي لکندڙن لاءِ!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.