ملڪ ۾ مهانگائيءَ سبب هر ڪو پريشان آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ هٿرادو طور کير مهانگو ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي منافعي خورن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ ۽ کير جو اگهه مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ کير اگهن بابت توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ کير هن وقت 140 کان 150 رپيا في ليٽر ملي رهيو آهي، عدالت چئن هفتن ۾ اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اڃا تائين عمل ناهي ٿيو.

چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب هر ڪو پريشان آهي، توهان کي خبر آهي ته چاري جي قيمت ڇا آهي، هر شئي جا روز نوان اگهه هوندا آهن، هر طبقي جا ماڻهو پريشان آهن.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اگهه مقرر ڪرڻ ايڊمنسٽريشن جي ذميواري آهي، اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرن سان ڪيترائي اجلاس ڪري چڪا آهيون، 24 آڪٽوبر تي وري اجلاس ٿيندو.

پوءِ عدالت منافعي خورن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ ۽ کير جو اگهه مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.