رستم لڳ ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر) رستم  لڳ ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ رب ڏنو مصراڻي جتوئي ۾ جوابدار  شاهو مصراڻي جتوئي  پنهنجي ويجهي عزيز عورت  مسمات عرفانه زال عرفان جتوئي کي برادري جي نوجوان ڪوڙو پٽ گلبهار سان ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪرڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفن ڪري ڇڏيو ،الزام هيٺ آيل نوجوان گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آھي  ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي پوليس عملدارن جو چوڻ آھي ته کين اهڙو اطلاع نه آھي. ٻئي طرف ڪارنهن الزام ۾ عورت جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي ويل ڪنهن به وقت رتوڇاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.