ڇا عامر خان ٽيون ڀيرو شادي ڪندو؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ اداڪار عامر خان بابت خبرون هلي رهيون آهن ته اهو جلد ٽئين شادي ڪرڻ وارو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سوشل ميڊيا تي واهپيدارن طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته مسٽر پرفيڪشنسٽ پنهنجي ٻن گهروارين کان علحدگي کانپوءِ ٽيون ڀيرو شادي ڪرڻ وارو آهي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عامر خان ٽئين شادي جو اعلان پنهنجي نئين فلم لال سنگهه چڌا جي رليز کانپوءِ ڪندو جيڪا اپريل 2022 ۾ رليز ڪئي ويندي.

انکانسواءِ اهو به چيو پيو وڃي ته عامر خان پنهنجي ساٿي اداڪارا سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جو ارادو رکي ٿو جيڪا ساڻس ماضي ۾ڪم ڪري چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.