گڏاپ جي پبلڪ اسڪول ۾ ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب

گڏاپ (ن ع آ) پبلڪ اسڪول گڏاپ ۾ سيش ايوارڊ سيريمني  ٿي گذري جنھن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن جو چئرمين رفيق احمدجعفري , تاج محمد وساڻ ميمبر بورڊ آف گورنرنس پبلڪ اسڪول گڏاپ، پروفيسر محمد معشوق بلوچ پرنسيپل پبلڪ اسڪول گڏاپ ،استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. پروگرام جوآغاز قرآن ڪريم جي تلاوت سان  ڪيو ويو قومي تراني کانپوء پرنسيپل آجياڻي تقرير ڪندي چيو ته پبلڪ اسڪول گڏاپ ڪراچي جي ڪشمير ۾ آھي سندس حسن ۽ ڪارڪردگي ڪنھن کان به گھٽ نه آھي 2021 ۾ ثانوي توڙي اعلي ثانوي بورڊ جا سو فيصد نتيجا استادن توڙي اسڪول جي اعلي ڪارڪردگي جا مثال آھن اسين سنڌ حڪومت ۽ سگا جا ٿورائتا آھيون پراڃا به سنڌ حڪومت استادن جي پروفيشنل ٽريننگ ۽ ڀر پاسي کان ايندڙ ٻارڙن لاء ھڪ بس يعني ڪوسٽر جي منظوري ڏيندي ته کين جو احسان ٿيندو ، پرنسيپل مھمانن ۽ پنڊال کي ڀليڪار چيو، پروگرام ۾ اسڪول جي ڊاڪيومينٽري ، ثقافتي گيت ، ڪراٽي جا ڪرتب پيش ڪيا ويا ۽ ٻارن کي سيشز پارايا ويا. اعزازي تقرير ڪندي تاج محمد وساڻ چيو ته ھن قسم جون تقريبون نوجوانن ۾  ملڪ ۽ قوم لا۽ وڌيڪ خدمت جو جذبو پيدا ڪنديون ، صدارتي خطاب ڪندي سگا جي سرواڻ چيو ته 2011ع واري دؤر ۾  جيڪي خواب اکين ۾ سانڀي ھن اداري جون زميواريون قبوليون ھيون سي اڄ رنگ لاتيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.