پ پ تي عوام جو اعتماد وڌي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير ۽ پ پ  ڪراچي جي صدر سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي تي جهڙي ريت سمورن زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ اعتماد جو اظهار ڪري پارٽي جو حصو بڻجي رهيا آهن اهو سندن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي اعتماد جو اظهار آهي. وڪيل برادري جنهن اعتماد جو اظهار ڪندي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي اهو تعريف لائق آهي ۽ انشاءُ الله بار جون ايندڙ چونڊون هجن، بلدياتي يا قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا پيپلز پارٽي هڪ وڏي جماعت ٿي سامهون ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعرات واري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ مسلم ليگ ن لائيز فورم جي صوبائي ۽ ڪراچي ڊويزن جي عهديدارن سان ملاقات ۾ پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي اعلان جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.