جسسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس راڻا شميم اسٽينڊنگ ڪميٽي طلب

اسلام آباد( م ڊ) قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين ڪميٽي جاويد لطيف گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم جي حلف نامي جو معاملو اٿاريو. قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس 22 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب اسٽينڊنگ ڪميٽي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي. ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف اڳوڻي چيف جسٽس راڻا وسيم کي به ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2021ع قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ غور هيٺ آندو ويندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.