گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي الزامن تي ثاقب نثار جو ردعمل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس (ر) ثاقب نثار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جي ڪيس بابت گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي بيان تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته منهنجي حوالي سان هلندڙ خبرون حقيقتن جي ابتڙ آهن، گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم جي سڌي سنئين ڪوڙ تي ڪهڙو جواب ڏيان.

هن چيو ته راڻا شميم چيف جسٽس طور مون کان واڌ گهري رهيو هو، جيڪا مان منظور نه ڪئي ۽ هڪ ڀيرو راڻا شميم واڌ نه ڏيڻ تي مون کي ميار به ڏني هئي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هر هڪ ڪوڙي ۽ بي بنياد ڳالهه جو ردعمل ڏيڻ دانشمندي ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.