حمل فقير جو عرس، سڪرنڊ ۾ادبي ڪانفرنس ۽ محفل

سڪرنڊ ( ن ع آ) سرائيڪي ۽ سنڌي ٻولي جي مشهور شاعر حمل فقير لغاري جي 147 هين عرس جي مبارڪ جي موقعي تي ثقافت کاتي سنڌ پاران حمل فقير ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ جي تقريب ۽ ملاکڙي سميت مختلف ڊپارٽمينٽس پاران ثقافتي اسٽال لڳايا ويا, ادبي ڪانفرنس ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر سنڌ سليم سولنگي , ڊائريڪٽر ڪلچر شير محمد مهر , حمل ميلا ڪاميٽي جي  چيئرمين محمد صالح ڪيريو جي ميزباني هيٺ تقريب ٿي گذري, ان موقعي تي پ پ اڳواڻ غلام شاهه لغاري پاران آيل مهمانن کي سنڌي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا, ادبي ڪانفرنس جي ڪمپيئرنگ سنڌ جي نالي واري شاعر ۽ اديب نصير مرزا پنهنجي خوبصورت لفظن ۽ شاعري ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي,ان موقعي تي پبلڪ اڪائونٽس جي چيئرمين غلام قادر چانڊيو چيو ته حمل جي شاعري مزاحمتي شاعري هئي, هو سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي جو وڏو شاعر هو, سندس مزار نئين سر تعمير ڪرائي ويندي, ان کان علاوه آڊيٽوريم هال ۽ لائبريري ۽ چوديواري جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو ويندو, پ پ اڳواڻ غلام شاهه لغاري چيو ته حمل جي شاعري اتساهه پيدا ڪندڙ هئي, شاعر ادل سومرو چيو  ته حمل روين جي ڪري دل برداشت هو, اديب ڊاڪٽر قادر بخش مگسي چيو ته حمل ڪنهن به رد عمل اچڻ جي پرواهه نه ڪندي مزاحمتي شاعري ڪئي, شاعر مشڪور فنڪاره چيو ته حمل ڏنگي دور ۾ شاعري ڪئي ۽ اڄ به اهو ساڳيو ڏنگو دور آ, شاعر آغا ظفر چيو ته حمل جي شاعري عام ماڻهو کي به سمجهه ۾ ايندي هئي, ان موقعي ت شاعر اسد ڪيريو , اديب محمد حنيف سومرو, امير علي شاهه۽ ٻين شاعري ۽ لفظن ذريعي حمل کي ڀيٽا پيش ڪئي, تقريب ۾ پ پ اڳوسڻ حاجي علي نواز چانڊيو , ڊاڪٽر بشير جمالي , سينئر صحافي عاجز جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي, ان موقعي تي سنڌ جي نالي واري فنڪار استاد شفيع فقير , ڪامران ۽ رضوان چانڊيو , جاويد فقير , پيرل پياسي  صوفي ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳايا, ان موقعي تي شهيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي پاران جانورن جا نمائشي اسٽال لڳايا, آبادگارن پاران سبزين ۽ فروٽ جا اسٽال لڳايا ويا, ملهه پهلوانن پاران شاندار ملهون وڙهي ٻانهين ۾ هوڪرا ڪرائي ڇڏيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.