غوثپور پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي ويل ٻن ڄڻن کي بچائي ورتو

غوثپور ( ن ع آ)ايس ايڇ او غوثپور خليل احمد رند ۽ ان جي ٽيم پاران عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي طرف ويندڙ ڪشمور واسي ٻن عاشقن امان الله ۽ نجم پنھيار کي اغوا ٿڻ کان بچائي ورتو آهي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خليل احمد رند صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تيغاڻي گينگ جي ڏوهاري ٽولي پاران ٻنهي عاشقن کي عورتاڻي آواز تي هرکائي کين اغوا ڪرڻ جو پلان جوڙيو هو جنهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ناڪام بڻائي نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي هن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي اچڻ سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي عوام کي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو ڏوهاري بااثر ڇو نه هجن قانون سڀ لاءِ هڪ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.