شهيد ارشاد رانجهاڻي ڪيس ۾ ڀائرن ۽ شاهد کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون

ملير (ڊ ر) شهيد ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ منور رانجهاڻي، خالد رانجهاڻي ۽ گواهه مسعود شاهه ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس ۾ پيش ٿيڻ تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، اهڙي آگاهي اسان معزز عدالت جي جج کي پڻ ڏني آهي ان موقعي تي گواهه مسعود شاهه وڌيڪ چيو ته مان شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. ان ڪيس جو جوابدار اڳوڻو يوسي چيئرمين رحيم شاهه ۽ سندس پٽ حسن شاهه، اڳوڻو ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي، سب انسپيڪٽر رياض عامر جيڪي ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿيل آهن، اهي انتهائي بااثر آهن جڏهن ته مک  جوابدار رحيم شاهه جو پٽ بااثر هجڻ سبب هن وقت تائين گرفتار ٿي نه سگهيو آهي،پوليس آفيسر شوڪت شاهاڻي ۽ رياض عامر ضمانت تي آزاد آهن، هن ڪيس بابت مونکي پهرين ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين گواهي نه ڏيڻ ۽ هٿ کڻڻ لاءِ مختلف طريقن سان ڌمڪايو ۽ هيسايو پيو وڃي. آئون شاهد طور اي ٽي سي ڪورٽ نمبر24 ۾ پيش ٿيو هيس جتي مون پڻ معزز جج صاحب کي ملندڙ ڌمڪين بابت لکت ۾ درخواست ڏئي چڪو آهيان. ميڊيا جي تعاون سان انساني حقن جي تنظيمن ۽ لاڳاپيل ادارن کان تحفظ جي گهر ڪيان ٿو ته مونکي ڪوبه نقصان پهتو ته ان جا ذميوار جوابدار رحيم شاهه سندس پٽ حسن شاهه ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي سب انسپيڪٽر رياض عامر ۽ سندس ٻيا ساٿي هوندا.   03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.