جهڏو: انتظاميا سرڪاري اسڪول جي گرائونڊ تان قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو

انتظاميا جهڏي جي ڳوٺ ٽنڊو ڪولاچي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي گرائوند تي ٿيل قبضو انتظاميا ختم ڪرائي ڇڏيو.

اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ميڊم شازيا آرائين ۽  اسڪول عملي جي درخواست تي مختيارڪار جھڏو علي نواز سمون، ايس ايچ او جھڏو شاھنواز خاصخيلي عملو ۽ پوليس ساڻ ڪري اسڪول تي ٿيل قبضي ختم ڪرايو.

انتظاميا نياڻين جي اسڪول لاءِ وقف ڪيل زمين تي بااثرن پاران اڏيل ڇپرا، ٻڪرين جا واڙا ۽ گوشت جي اڏيون پٽي قبضو مڪمل طور خالي ڪرائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.