ڪوٽڙي: ڪوهستان نوجوان اتحاد طرفان کڏا ڳوٺ ۾بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف مظاهرو

ڄامشورو ۾ ڪوهستان نوجوان اتحاد طرفان کڏا ڳوٺ ۾ پي پي ايڇ آئي جي صحت مرڪز ۾  سهولتن جي کوٽ, بند پيل اسڪول کولرائي ڏيڻ, پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ,آر او پلانٽ جي بند هئڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي ته احتجاج ڪندڙ ڪوهستان نوجوان اتحاد جي اڳواڻ خان بهادر کوسو, پپو خاصخيلي, ساجد خاصخيلي, سڪندر خاصخيلي,۽ ٻين جو چوڻ هو ميونسپل ٻولهاڙي جي قديمي کڏا ڳوٺ بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي،  پي پي ايڇ آئي جي صحت مرڪز ۾ صحت جي  سهولتن جي کوٽ آهي ، ڊاڪٽر ۽ عملو گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا ڪڏهن ۾ اسپتال ناهن آيا، ڳوٺ جا ٻه اسڪولن بند پيل آهن اسان جي ڳوٺ جا ٻار تعليم جي زيور کان محروم آهن ،  ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي ، آر او پلانٽ بند پيل آهن روڊ رستا تباه ٿيل آهن ،  هنن مطالبو ڪيو ته کڏا ڳوٺ جا بنيادي مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.