شاهه رخ خان تي ڀارتي مسلمان سربراهن جي تنقيد

ممبئي(ويب ڊيسڪ)آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي سربراهه اسد الدين اويسي نالو وٺڻ بنا شاهه رخ خان تي تنقيد ڪئي آهي.

منشيات ڪيس ۾ گرفتاري شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان بابت بيان ڏيندي اسد الدين اويسي چيو ته اسان انهن بي زبان مسلمانن جي لاءِ آواز اٿارينداسين جيڪي جيلن ۾ بند آهن انهن جي لاءِ نه جن جا والدين طاقتور آهن.

هن چيو ته يوپي جي جيلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 27 سيڪڙو مسلمان قيد آهن، انهن جي لاءِ ڪير ڳالهائيندو؟

ان کان اڳ اڄ ئي آل انڊيا تنظيم علماءِ اسلام جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڀارتي عالم مولانا شهاب الدين رضوي به باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کي تنقيد جو نشانو بنايو.

هن چيو ته شاهه رخ خان پنهنجي پُٽ کي مدرسي ۾ پڙهائي ها ته کيس اهي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها، ڇو ته اسلام ۾ هر قسم جو نشو روڪيل آهي.

سندس چوڻ هو ته فلم انڊسٽري جا ماڻهو اسلامي حڪمن کان وانجهيل آهن، نشي جي حرام هجڻ بابت مدرسي ۾ پڙهايو ۽ سيکاريو ويندو آهي. ٻار غلط صحبت ۾ وڃن ته والدين انهن کي پيار سان سمجهائين پر شاهه رخ خان پاڻ مدرسي ۾ پڙهيو هجي ها ته کيس اهو احساس هجي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.