ڪاڇي ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن جو ڪيس داخل ،هڪ ڌر پاران لاش رکي ڌرڻو

ڊرگھ بالا/واهي پانڌي (نمائندن وٽان) ڪاڇي جي شھر قصبو ۾ ريتي کڻڻ  ٿان لغاري برادري ۽ جمالي برادري ۾ جھيڙي ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 5 ماڻھو زخمي ٿيڻ سبب علائقو ميدان جنگ بڻجي.  قتل ٿيل ۽ زخمي  ٿيل ماڻھن جي قصبو ٿاڻي تي ڪو بہ ڪيس داخل نہ ٿي سگھيوھو مارجي ويل قصبو واسي واٽھڙو حُسين لغاري ۽ زخمي عبدالستار بروهي جي وارثن پاران ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف  قصبو ٿاڻي آڏو لاش رکي 4 ڪلاڪ  ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو جتي مقتول جي پُٽ سجاد لغاري، ياسين لغاري. حُسين بروهي جي اڳواڻي ۾  سوين ماڻھن پاران ٿاڻي جو گهيراءُ ڪريڌرڻو ھڻي ويھي رھيا  ، مقتول جي پُٽ سجاد لغاري جو چوڻ هو ته جيسيتائين قتل جو ڪيس داخل نه ٿيندو لاش نه کڻنداسين، مقامي ماڻھن ۾ سخت غصي واري لهر ڇانيل رھي . قصبو پوليس مڇريل ماڻھن جا هجوم ڏسي ايس ايڇ او قصبو ٿاڻو ڇڏي هليو ويو.  مسلسل ڌرڻو ھئڻ ڪري پوليس 4 جوابدارن  عزيز الله ولد محمد نواز  الھورايو ولد محمد نواز  آدم ولد ڪمال  قاسم ولد ڪمال جمالي خلاف دھشتگردي ايڪٽ ڪيس دااخل ڪري ڇڏيو  ٻئي طرف جمالي ڌر جي  مقتول حسن جمالي جي تدفين ڦلجي وليج لڳ ڳوٺ فقير محمد جمالي ۾ ڪئي وئي، قصبو پوليس ڪاب گرفتاري عمل ۾ ن آندي علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.