خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپورناٿن شاھ (ن ع آ) خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ ماڏو جي رهواسين خان محمد سومرو ۽ جي يو آء تعلقا خيرپورناٿن شاھ جي سالار حافظ عبدالوحيد قريشي ۽ ٻين ماڏو ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مهراڻ پريس ڪلب خيرپورناٿن شاھ ۾ احتجاج ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻي خان محمد سومرو دانهيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ رات جو دير سان منهنجي پٽ حافظ عبدالوحيد جي طبعيت خراب ٿي ته پٽ کي علاج لاء لاڙڪاڻي اسپتال کڻي وڃي رهيا هياسين ته ڳوٺ انڌي مياڻي سامهون پنج نامعلوم هٿياربندن اسان کي هٿيارن جي زور تي چنگچي رڪشا کي روڪي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن اسان کي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري وڌو ۽ مون هنن کي منٿون ڪيون ته منهنجي پٽ جي حالت خراب آهي خدا جي واسطي اسان کي ڇڏيو ته پٽ کي اسپتال کڻي وڃون پر هنن ظالمن کي رحم نه آيو پٽ جي علاج لاء ورتل وياج تي پيسا 15 هزار روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد پٽ کي واپس گهر کڻي وياسين ۽ پيسا نه هجڻ ڪري منهنجو نوجوان ٻچڙو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو هن چيو ته جيڪڏهن ڦورو ڦر نه ڪن ها ته پٽ کي اسپتال پهچائي علاج ڪرايا هان  ماڏو پوليس ڦورو گرفتار ناهن ڪيا نه ئي ڪيس داخل ڪرڻ لاء تيار آهي، مون سان وڏي ناانصافي ٿي آهي مون سان انصاف ڪيو وڃي، هنن چتاءۡ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڦورو گرفتار نه ٿيا ته سڀاڻي ماڏو پوليس جي نااهلي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف ڌرڻو هنيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.